سج جو اهڙو روپ توهان پهريان ڪڏهن نه ڏٺو هوندو

جئين ته اسان سڀني کي اها ڄاڻ آهي ته سج ڏانهن ڏسڻ ممڪن ناهي ۽ ان جي واضح تصوير ڪڍڻ ته  اڃا به وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، پر اسان جي شمسي نظام واري ستاري جي نئين تصوير سامهون آئي آهي جيڪا Inouye  سولر ٽيلي اسڪوپ ذريعي ڪڍي وئي آهي.

آمريڪي رياست هوائي ۾ ڄاڻايل ٽيلي اسڪوپ پنهنجي ڪم جي شروعات آگست جي آخر ۾ ڪئي هئي ۽ ان ڏس ۾ سج جون ٻه تصويرون جاري ڪيون ويون.

جنهن کي دنيا جي سڀ کان طاقتور سولر ٽيلي اسڪوپ قرار ڏنو ويو آهي جيڪو سج جو مشاهدو انتهائي گهرائي وڃي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

جاري ڪيل تصويرن مان هڪ ۾ سج جي سطح جي ان ماحول کي ڏيکاريو ويو آهي جنهن کي chromosphere  چيو ويندو آهي.

هن تصوير ۾ 51 هزار ميل جي رقبي کي ڪور ڪيو ويو آهي.

ٻي تصوير ۾ سج جي سطح کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ظاهري طور ائين لڳي رهيو آهي جيئن ريت کي مائيڪرو اسڪوپ ۾ ڏسجي.

ٽيلي اسڪوپ کي فنڊز فراهم ڪرڻ واري نيشنل سائنس فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ان ٽيلي اسڪوپ ذريعي اسان کي پنهنجي ستاري بابت ڪجهه نئون ڄاڻن جو موقعو ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.