پاڪستان ۾ جبري پورهئي جو ڪارڻ مذهبي ۽ نسلي فرق آهي: رپورٽ

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل پنج ورهين دوران موسمياتي تبديلين ۽ عالمي وبا سميت ٻين آفتن ڪروڙين ماڻهن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.

محنت واري عالمي اداري، آءِ ايل او، واڪ فري ۽ انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن جي نئين رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهو جبري پورهئي ۽ جبري شادين جو نشانو بڻجي چڪا آهن.

ان انگ ۾ سال 2016 کانپوءِ هنيئر تائين 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ رپورٽ ۾ انهن ماڻهن لاءِ جديد غلامي جي اصطلاح استعمال ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحقيق دوران ماهرن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان بابت جبري پورهئي جو ڪارڻ يا بنياد مذهبي ۽ نسلي فرق آهي.

رپورٽ لاءِ 180 کان وڌيڪ ملڪن ۾ مختلف سروي ڪيا ويا هئا جنهن بعد هي نتيجا سامهون آيا آهن.

رپورٽ موجب ڪووڊ 19، هٿياربند تڪرار ۽ موسمياتي تبديلين سان نوڪرين ۽ ملازمتن ۽ تعليم وارو شعبو  تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، جنهنڪري غربت، غيرمحفوظ لڏپلاڻ ۽ صنفي تشدد واري واقعن ۾ واڌرو ٿيو، اهي سمورا مسئلا موجودا دور جي غلامي جو خطرو وڌائن ٿا.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بهتر قانونن، جوڳو قانوني تحفظ ۽ عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور ماڻهن کي مدد فراهم ڪري موجودا دور ۾ غلامي جي شرح کي گهٽائي يا ختم ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽ موجب سال 2016ع کان 2021ع دوران جبري پورهئي جي شرح ۾ يارنهن سيڪڙو واڌ ٿي ۽ گڏيل طور تي 2 ڪروڙ 80 لک ماڻهو ان جو شڪار ٿيا، انهن ۾ ٻارن جو انگ تمام گهڻو آهي جنهن سبب رپورٽ ۾ مسئلي تي ترُت ظابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.

اهڙي نموني جبري شادين جي شڪار ماڻهن جو انگ ٻه ڪروڙ ويهه لک آهي جن ۾ ٻه ڀاڱي انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي.

رپورٽ موجب ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته دنيا ۾ هر 150 ماڻهن مان هڪ شخص هن جديد دور ۾ به غلامي جي زندگي گهاري رهيو آهي.

گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ پنج ڪروڙ جبري پورهئي يا جبري شادين جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پاڪستان بابت جبري پورهئي جي ڪارڻن يا بنياد کي مذهبي ۽ نسلي فرق سان جوڙيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.