نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي، واهپيدارن تي ڪيترو بار پوندو؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) في يونٽ بجلي 4 رپيا 34 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري جولاءِ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي ۽ نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جولاءِ جي فويل پرائس ايڊجسٽمينٽ جو بجلي واهپيدارن تي 69 ارب رپيا واڌ بار پوندو، جڏهن ته بجلي جي قيمت ۾ اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.