سريلنڪا هٿان ايشيا ڪپ فائنل ۾ شڪست شعيب ملڪ کي چيڙائي ڇڏيو، سخت ردعمل ڏئي ڇڏيائين

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي آل رائونڊر شعيب ملڪ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جي شڪست بعد پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

ايشياڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا پاڪستان کي هارائي ڇهون ڀيرو ايشين چيمپيئن بڻجي ويو آهي.

پاڪستان جي شڪست تي شعيب ملڪ ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

آل رائونڊر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسان دوستيءَ، پسند ناپسنديگي واري ڪلچر مان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين؟ الله سدائين ايماندارن جي مدد ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.