نه اڳ دٻاءُ ۾ آيو هئس نه هاڻ ايندس: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت جا حربا ڪنهن صورت ڪامياب نه ٿيندا، نه پهريون دٻاءُ ۾ آيو هئس ۽ نه ئي اڳتي ايندس.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسد عمر، فواد چوڌري ۽ شبلي فراز سوڌو ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال سوڌو ٻين اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ جي مهانگائي خلاف احتجاج جي تيارين لاءِ تجويزن تي به غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻوڏ سٽلين جي امداد لاءِ ٽيليٿون جي بليڪ آئوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت جا حربا ڪنهن صورت ڪامياب نه ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته سڀ کي ڄاڻ آهي ته قوم ڪنهن سان گڏ بيٺي آهي، نه پهرين دٻاءُ ۾ آيو هئس ۽ نه اڳتي ايندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.