عالمي امداد ۾ پي ٽي آءِ رنڊڪ بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي امداد ۾ پي ٽي آءِ رنڊڪ بڻيل آهي، وفاقي حڪومت امداد ۾ رنڊڪ بڻجندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ سياسي پارٽي ۽ هڪ شخص جهڙي سياست ڪري رهيو آهي ائين سياست ناهي ٿيندي، سوشل ميڊيا تي هڪ جعلي تصوير کي شيئر ڪيو ۽ انٽرنيشنل ڊونرز ادارن کي ٽيگ ڪيو ويو.

هن چيو ته هڪ جعلي تصوير جيڪا ڪالهه هڪ چئنل هلائي اها ڀارت جي هئي، هن ڪريل حرڪت جو مقصد ڪهڙو آهي، متاثرن جا ٻچڙا، بزرگ عورتون پريشان آهن، هي عالمي ادارن کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان کي امداد نه ڏيو.

شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي ريڊ لائين تي آهي، ڪجهه ماڻهو متاثرن جي مدد کان روڪڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن

هن چيو ته وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن جي امداد روڪڻ جي سازش ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته صحت بابت سنڌ ڪابينا ۾ اهم فيصلا ٿيا آهن، روڊن تي موجود متاثرن لاءِ پڻ موبائيل هيلٿ يونٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس چار هزار رُپيا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هارين جي تباهي ۽ نقصان کي ڏسندي سپورٽ پرائس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، درآمد ڪڻڪ جي قيمت 8 کان ساڍا اٺ هزار رُپيا آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته بهتر آهي اسان پنهنجي هارين جي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ چار هزار رُپين ۾ وٺون، ٻوڏ سبب متاثر علائقن مان پاڻي مڪمل نيڪال ناهي ٿي سگهيو، جنهن لاءِ ڏکيا فيصلا  ڪنداسين، آبپاشي کاتي جي آفيسر تجويزون ڏيندا جنهن تي فيصلو ڪيو ويندو.

پ پ اڳواڻ چيو ته امدادي ڪمن ۾ پاڪ فوج ۽ نيوي جو ڪارائتو ڪردار آهي، سڄي وفاقي حڪومت ريسڪيو عمل ۾ متحرڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.