ڀارت ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ  اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪنهن جي ٿي واپسي ڪير ٿيو ڊراپ؟ ڄاڻي وٺو

ممبئي  ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ مهيني آسٽريليا ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ سميت آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

بي سي سي آءِ ( بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول انڊيا ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ  19 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چار رانديگر اسٽيڊ باءِ طور ٽيم ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

ڀارتي طرفان اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ جسپريت بمرا جي واپسي ٿي آهي جڏهن ته ايشيا ڪپ دوران انجري جو شڪار ٿيندڙ رويندر جديجا عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ جڳهه ناهي ٺاهي سگهيو.

ڀارت جي مشن ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ ۾ روهت شرما ( ڪپتان ) ڪي ايل راهول ( نائب ڪپتان)، ورات ڪوهلي، سوريا ڪمار ياديو، ديپڪ هودا، ريشڀ پانت ( وڪيٽ ڪيپر ) دنيش ڪارتڪ ( وڪيٽ ڪيپر ) هاردڪ پانڊيا، رويچندرن ايشون، يوزويندرا چاهل، اڪشر پٽيل، جسپريت بمرا، ڀونيشور ڪمار، هرشل پٽيل، ارشديپ سنگهه شامل آهن، جڏهن ته محمد شمي، شرياس ايئر، روي بشنوئي، ديپڪ چاهڙ اسٽيڊ باءِ طور ٽيم ۾ شامل  ڪيا ويا آهن يعني جيڪڏهن ڪو رانديگر زخمي ٿيو ته کين موقعو ڏنو ويندو.

آسٽريليا خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ روهت شرما، ڪي ايل راهول، ورات ڪوهلي، سوريا ڪمار ياديو، ديپڪ هودا، رشڀ پانت، دنيش ڪارٿڪ، هاردڪ پانڊيا، روي ايشون، يوزويندرا چاهل، اڪشر پٽيل، ڀونيشور ڪمار، محمد شامي، هرشل پٽيل، ديپڪ چاهڙ، جسپريت بمرا شامل آهن، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 20 سيپٽمبر کان ٿيندي.

ڏکڻ آفريڪا خلاف 28 سپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پڻ ٽيم چونڊي وئي آهي جنهن ۾ آسٽريليا خلاف اعلانيل اسڪواڊ مان رڳو هاردڪ پانڊيا ۽ ڀونيشور ڪمار کي آرام ڏنو ويو آهي، ڀارتي ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف عالمي ڪپ کان اڳ هڪ ڏينهن واري سيريز پڻ کيڏندي جنهن لاءِ اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.