توهين عدالت ڪيس: گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم غير مشروط معافي گهري ورتي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم حلفي بيان واري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم خلاف توهين عدالت ڪيس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران راڻا شميم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان غير مشروط معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، استدعا آهي ته غير مشروط معافي قبول ڪئي وڃي.

جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان غير مشروط معافي سان گڏ حلفي بيان جمع ڪرايو آهي؟ توهان هن عدالت جي فيصلن تي تنقيد ڪندئو ته ڇا هي عدالت نوٽيس نه وٺندي، جڏهن انصاف جي فراهمي کي تڪراري بڻايو وڃي ته پوءِ نوٽيس وٺنداسين.

 چيف جسٽس چيو ته غير مشروط معافي عدالت بابت ناهي پر پنهنجي کنيل قدم جو داغ ڌوئڻ لاءِ آهي. جيڪڏهن ڪو حقيقي معافي گهري ۽ ڪنڊڪٽ صحيح هجي ته عدالت کي معافي قبول ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض نه آهي، راڻا شميم جيڪڏهن پنهنجي حلفي بيان جي متن سان گڏ بيٺل آهي ته پوءِ سندس بيان صحيح آهي.

راڻا شميم طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس کان پوءِ سينيئر ترين جج جو نالو حلفي بيان ۾ لکڻو هو،  سينيئر ترين جج جي جڳهه جسٽس عامر فاروق جو نالو حلفي بيان ۾ غلط فهمي جي بنياد تي لکيو ويو.

بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لان ۾ چانهه تي ثاقب نثار سان ملاقات دوران ان جون ڳالهيون ٻڌيون، مون اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي زبان مان سينيئر پيوني جج جا لفظ ڪيترائي ڀيرا ٻڌا، حلفي بيان 3 سالن کانپوءِ 72 سالن جي عمر ۾ ذهني دٻاءُ ۾ لکيو،  راڻا شميم جواب ۾ وڌيڪ لکيو ته عدليا کاي اسڪينڊلائز ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، جڏهن کان پروسيڊنگز شروع ٿي تڏهن کان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري رهيو آهيان.

اڳوڻي چيف جج لکيو ته منهنجي غلط فهمي جي بنياد تي جيڪا صورتحال پيدا ٿي شروع واري ڏينهن کان ان جو اظهار ڪندو پيو اچان، هن عدالت جو ڪوبه حاضر سروس جج ان تڪرار ۾ شامل ناهي، پنهنجي غلط فهمي تي هن عدالت جي سمورن حاضر سروس ججز کان غير مشروط معافي گهران ٿو، جڏهن ته پاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيان ٿو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته هن عدالت جو توهين عدالت جي حوالي سان قانون طئي آهي، ججز جي فيصلن تي توهان بي شڪ تنقيد ڪريو، توهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي نه ڪئي ويندي، هي ان ( راڻا شميم ) کي وڌيڪ وقت ڏئي سگهي ته جئين هو حلفي بيان جمع ڪرائي، جيڪو ايڏ وڏو الزام عدالت تي مڙهيو ويو آهي، عدالت اهو نظرانداز نٿي ڪري سگهي.

چيف جسٽس چيو ته هن عدالت جو پٽيشنر تي ڪو به دٻاءُ ناهي، تسلي سان سوچ ويچار بعد حلفي بيان جمع ڪرايو، هي عدالت توهان کي هڪ هفتي جو وقت ڏئي ٿي، توهين عدالت جي پروسِيڊنگ آهي ان جي حساسيت کي عدالت سمجهي ٿي، حلفي بيان تي قائم رهڻ ۽ معافي، ٻئي گڏگڏ نٿا هلي سگهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راڻا شميم کي هڪ ٻيو حلفي بيان جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.