متاثرن پاران سار نه لھڻ جون دانھون ختم ئي نٿيون ٿين

سنڌ جو ڳچ حصو ھن وقت پاڻي ھيٺ آيل آھي،ماڻھون پنھجي اجھي کان محروم ٿي ويا آھن،ڪيترائي بي گھر ٿيڻ بعد روڊن رستن تي ويٺا آھن تھ وري ڪٿي ڪٿي اھي سرڪاري يا سول سوسائٽي جي قائم ڪيل ڪئمپن ۾پناھ وٺڻ تي مجبور آھن.ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻھون پنھنجي مدد پاڻ تحت متاثر ٿيلن جي مدد ڪري رھيا آھن،بيمارن جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڪئمپس جو انتظام ڪري رھيا آھن.

سنڌ جو ساڄو پاسو بلوچستان مان آيل پاڻي سبب دٻاءُ ھيٺ آھي،دادو.ميھڙ .سيوھڻ.ڀان ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن جي ٻڏڻ جو خطرو آھي،منڇر ڍنڍ کي ڏنل ”رليف ڪٽ“ بعد پڻ ڪيترن ھنڌن تان پاڻي جي نيڪال لاءِ رواجي ڪٽ ھڻي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي،ان ھوند بھ پاڻي جي صورتحال ڪنٽرول ۾ نھ ٿي رھي آھي.لکين ماڻھون متاثر ٿيڻ بعد سموري سنڌ ۾ ھڪ بي يقيني ۽ افراتفري واري حالت نظر اچي رھي آھي.ڪجھھ اھڙا علائقا بھ آھن جتي ماڻھن جي مناسب خوراڪ نھ ملڻ ۽ بيمارين سبب فوت ٿيڻ جا اطلاع پڻ آھن.باقي ھر ھنڌ تي متاثر ٿيل ماڻھون مدد نھ ٿيڻ جي دانھن ڪري رھيا آھن.

سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيلن جي جوڳي واھر نھ ٿيڻ خلاف ڪجھھ ڏينھن کان احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آھي،جنھن ۾ اھو الزام لڳايو پيو وڃي تھ سرڪار عوام جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي،عوام جي مدد ڪرڻ وقت جي حڪومت جو آئيني فرض آھي.ٻئي پاسي وري جتي سرڪار امداد کڻي ڪجھھ ٽرڪون علائقن ۾پھتون آھن تھ اتي گھڻي بدانتظامي ٿي آھي جنھن ۾ ڪنھن کي ڪجھھ مليو آھي ڪو وري صفا محروم ٿي ويو آھي.بک،بدحالي ۽ بيمارين ماڻھن مان سھپ جو مادو ختم ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري انتھائي بد انتظامي،افراتفري،ھڻ ھڻان ۽ وٺ پڪڙ لڳي پئي آھي.ھن وقت جي سنڌ جي اھا ھڪڙي تصوير آھي،جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تھ حالت گھڻي نازڪ ٿي رھي آھي.مٿان وري سرڪار يا ضلعي انتظاميھ متاثر ماڻھن جي ڪا بھ ذميواري کڻڻ جا لاءِ توڻي انھن کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪي بھ اھڙا انتظام ڪرڻ کان قاصر رھي آھي جو صورتحال ڪنٽرول ۾ ھئڻ جو ڪو تاثر ملي سگھي.

سنڌ ۾ ھڪ چونڊيل حڪومت آھي جيڪا ڪم ڪري رھي آھي،ان وٽ پنھنجا ڪجھھ ادارا آھن جيڪي ھر ضلعي ۾ مڪمل نيٽ ورڪ رکن ٿا،جيڪڏھن ڊپٽي ڪمشنر پنھنجي ماتحت عملي جي مدد سان مڪاني ادارن سان گڏجي موجود عملي کي متحرڪ ڪري تھ سمورو ڪم احسن طريقي سان ٿي سگھي ٿو.يونين ڪائونسل جو ادارو  ۽ تپيدار سمورن نقشن ،ڳوٺن،ماڻھن ۽ علائقي جي حالتن کان مڪمل طور آگاھ ھوندا آھن،اھي جيڪڏھن چاھين تھ متاثرن جي درجھ بندي ڪري انھن کي رجسٽر ڪري اصل متاثرن جي مدد ڪري سگھن ٿا. اھا ڪا اھڙي ڳالھھ بھ ناھي جيڪا سرڪار جي وس کان ٻاھر ھجي پر اھڙو ڪجهھ ٿيندي نظر نٿو اچي،ٻئي پاسي وري متاثر ماڻھن جي ڏکن ڏاکڙن ۾ ھر نئين ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي،جنھنڪري انھن جي ڪاوڙ بھ وڌندي وڃي.

ھر برسات ۽ ٻوڏ کان پوءِ عام طور تي بيمارين وڌڻ جو امڪان ھوندو آھي ھن ڀيري پڻ ان جو اثر نظر اچي رھيو آھي،جنھن ڪري ان ۾ ڪو بھ شڪ ناھي تھ سنڌ ۾ ايندڙ ڪجھھ ڏينھن ۾ ڪو وڏو الميو جنم وٺي، ان صورت ۾ حالتون اڃان بھ گھڻيون ڏکيون ٿي سگھن ٿيون،ڇاڪاڻ جو ماڻھون بکن ۾ پاھ آھن،بي گھر آھن دربدر آھن انھن جي سار نھ پئي لڌي وڃي.

اسان سنڌ سرڪار کي اھا گذارش ڪرڻ چاھيون ٿا تھ ھن برسات ۽ ٻوڏ سبب حقيقي طور متاثر ٿيلن جي مدد ڪئي وڃي ۽ انھن جي ڏک کي محسوس ڪيو وڃي،انھن جي سنڀال ڪرڻ جي لاءِ سرڪار پنھنجو نيٽ ورڪ استعمال ڪري ان کان اڳ جو حالتون وس مان نڪري وڃن ان ۾ دير نھ ڪئي وڃي.ڪنھن بھ مٿاھين ھنڌ تي ڪجھھ وڏيون ٽينٽ سٽيون قائم ڪري انھن ۾ حياتي جي لاءِ گھربل سموريون سھولتون مھيا ڪيون وڃن.ھاڻوڪو پيدا ٿيل مسئلو جلدي ختم ٿيڻ وارو ناھي ڇاڪاڻ جو پاڻي لھڻ ۾ اڃان وقت لڳندو ان بعد ئي ماڻھن جو پنھنجن پڊن ڏانهن موٽڻ ممڪن ٿي سگھندو.

ملڪ ۾ مھانگائي جو آزار وڌڻ جو خطرو

بدقسمتي سان پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي جتي ھر نئين ڏينھن نئون مسئلو ڪر کڻندو آھي جنھن جي اصل سببن کي ڳولڻ ۽ انھن کي ختم ڪرڻ جي ڪا بھ ڪوشش نھ ڪئي ويندي آھي جنھن ڪري اھو مسئلو عارضي طور تي پاسيرو ٿي ويندو آھي پر ان جو حل نھ نڪرندو آھي.ھڪ ڀيرو ٻيھر سموري ملڪ ۾ اٽي جي اگھن ۾ اضافي جون دانھون ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن.ھن وقت اٽي جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، ڪوئيٽا جا شهري سڀ کان وڌيڪ مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور آهن ۽ في ڪلو اگهه گھٽ ۾ گھٽ 115 رپين جو ٿي ويو آهي.

تازو ئي ڪوئيٽا ۾ ماني وڪرو ڪندڙن اٽي جي اگهن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکي هڙتال ڪئي ھئي۽ انھن مانيءَ جي اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو.سرڪار جي انتطام ھيٺ ڪم ڪندڙ ڳڻپ واري کاتي موجب هلندڙ هفتي مهانگائي جي گڏيل شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 58 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. بصرن جو اگهه 73 رپيا في ڪلو گھٽ ٿيو ۽ ٽماٽا 14 رپيا 46 پئسا سستا ٿيا. ان کانسواءِ گيهه جي في ڪلو اگهه ۾ تقريبن 3 رپيا لاٿ ٿي، 20 ڪلو اٽي جو ڪٽو 51 رپيا 75 پئسا مهانگو ٿي ويو. جڏهن ته آنا تقريبن 9 رپيا في درجن مهانگا ٿيا. چڻن جي دال 4 رپيا في ڪلو ۽ ماش جي دال 3 رپيا 29 پئسا في ڪلو مهانگيون ٿيون آھن.

ھڪ پاسي مھانگائي وڌي رھي آھي ٻئي پاسي ملڪ غيرمعمولي برسات بعد ٻوڏ ۾ ورتل آھي،ڪروڙين ماڻھن جي بي گھر ٿيڻ،وڏي نقصان مان گذرندڙ ماڻھون ھن وقت ماني ڳڀي جي لاءِ بھ پريشان آھن اھڙي حالت ۾ مھانگائي جي شرح وڌڻ سان ھنن جي مصيبتن ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو.

ملڪ ۾ واپارين جي آڙ ۾ مافيائون سرگرم ھونديون آھن ھر اھڙي موقعي مان اھي خوب فائدو حاصل ڪنديون آھن ۽ زندگيءَ کي ھلائڻ جي لاءِ ضروري اسم خريد ڪرڻ ماڻھن جي مجبوري ھوند ي آھي. پر اھو وري بھ سرڪار جي ذميواري ٿئي ٿي تھ اھڙين مافيائن خلاف ڪارروائي ڪري جيئن عام ماڻھون تي وڌيڪ دٻاءُ نھ پوي.ڪو ڪنٽرول نھ ٿيو تھ ماڻھون مھانگائي خلاف ڪنھن بھ وقت اٿي کڙا ٿي سگھن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.