وڄوٽو ٿاڻي جي اهلڪارن تي منظور ڪورائي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻا

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل)  وڄوٽو  پوليس ٿرپارڪر  ھٿان مبينـ چوري جي الزام ۾گرفتار سنتورو باراز نئون ڪوٽ واسي منظور ڪورائي  جو قتل ڪيس وڄوٽو  پوليس مٿان داخل نـ ٿيڻ خلاف اڄ ٻئي ڏينھن پڻ وارثن سياسي سماجي اڳواڻن  طرفان نئون ڪوٽ جي سنتورو بازار ۾ ٻن جاين تي ڌرڻا ھنيا ڌرڻن سبب نئون ڪوٽ مٺي ڪلوئي نفس نگر ٽالھي ڪنري ڏانھن گاڏين جي آمد بند رھي متاثرين جي پوليس ۽ بااثر  خلاف سخت نعريبازي متاثر ڌر جو ڪيس داخل نـ ٿيو، وارثن لاش مٺي سول اسپتال مان کڻي مٺي لڳ فانگاريو اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ٻئي ڏينھن بـ پوليس ٿاڻي تان گم هئي، وارثن چيو ته  اسان جي نوجوان منظور ڪورائي  تي ڪا بـ آيف آءِ آر بـ نـ ھئي پوليس چوري جي شڪ جي بنياد تي اسان جو نوجوان  ماري وڏو ظلم ڪيو پوليس جيڪا ايف آءِء آر تي ڪاروائي  نٿي ڪري سادي پني تي ڏنل درخواست  تي ايڏو وڏو ايڪشن  ڪئين کنيو، وارثن انصاف ملڻ تائين لاش دفنائڻ کان انڪار ڪيو، ان سلسلي ۾ اھو بـ معلوم ٿيو آهي تـ سولر پليٽ يا بيٽري جي چوري ٻـ مھينا اڳ ٿي ھئي سنتورو جي بااثر  پاندي کوسو جي چرچ تي پوليس قتل ڪيو آهي۔  جڏهن تـ سولر پليٽ ۽ بيٽري ماستر بشير اوٺو جي جڳھ تان چوري ٿي ھئي پاندي کوسو پوليس تشدد ۾ فوت ٿيندڙ منظور  ڪورائي  کي اڳ ۾ بـ ڌمڪيون ڏنيون ھيون جيڪو جمع رات پوليس تشدد تي مارجي ويو جڏهن تـ ذريعن کان اھو بـ معلوم ٿيو آهي تـ فوتي منظور جو ڀاءُ ماني کڻي ٿاڻي تي ويو تـ پوليس وارن ساڻس بدتميزي جو مظاهرو ڪيو ، ٻئي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي اي جي پي جئي سنڌ محاد رياض گروپ جي ڪارڪنن ڪورائي  برادري سان ٿيل ناحق خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ ھر قسم جي قانوني سپورٽ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.