جهڏي ۾ پراڻ ڍوري کي لڳل گهارو ٻه هفتا گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيو، متاثرن جا اهنج وڌي ويا

جهڏو(رپورٽ:اسحاق ساگر) جهڏو ۾ پراڻ ڍورو کي لڳل گهارو ٻه هفتا گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيو شهر ۽ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ، تازو طوفاني برسات سبب ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ٻيڻا ٿي ويا،انتظاميا جي گهارو بند ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي، رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل، جهڏو ۾ پراڻ ڍورو کي 316 بند وٽان لڳل گهاري کي اڄ ٻه هفتا مڪمل ٿي چڪا آهن ٻه هفتا اڳ ڄاڻايل جڳهه تي 50 فوٽ جو گهارو پيو هو جنهن کي ٻڌڻ لاءِ انتظاميا بروقت تحرڪ نه ورتو جنهن سبب گهارو وڌي اڍائي ڪلوميٽر تائين پکڙجي ويو ۽ گهاري جي پاڻي شهر جي اوڀر وارين ڪالونين حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، ڪڇي ڪالوني، سميت ڪيترائي علائقا ۽ سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا مذڪوره گهاري جو پاڻي مٺي ميرپورخاص مين روڊ، جهڏو سامارو روڊ، جهڏو نبي سر روڊ تان ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ڪراس ڪري رهيو آهي، گهارو بند ڪرڻ لاءِ ايل بي او ڊي انتظاميا اڃان تائين دلچسپي نه پئي وٺي گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ مقامي شهري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري رهيا آهن شهرين جو چوڻ آهي ته ايل بي او ڊي انتظاميا هن گهاري کي ٻڌڻ لاءِ ڪو به تعاون نه ڪيو هنگامي صورتحال باوجود انتظاميا شهرين کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هوڏانهن گذريل رات پيل تيز طوفاني برسات ٻي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل هزارين ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌائي ڇڏيا آهن ٻن ڪلاڪن تائين جاري تيز طوفاني برسات سبب ٻوڏ متاثرن رات جاڳي گذاري انتظاميا سرڪاري طور ٻوڏ متاثرن جي اڃان تائين واهر نه ڪئي آهي جنھن سبب هزارين خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.