ڪراچي ۾ شهري هٿان ڦورو مارجي ويو

ڪراچي( رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بلاڪ 13 سر سلمان روڊ گالا ريسٽورنٽ جي ڀرسان ڪار تي سوار شھري جي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو مارجي ويو , جڏھن ته  ٻيو فرار ٿي ويو، پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي سڄاڻپ 22 سالن جي نظير ولد شعيب جي نالي سان ٿي آهي . جنھن جي قبضي مان ھڪ پستول ڦر ڪيل موبائل فون ۽ روڪ رقم ھٿ ڪئي وئي . ان جو چوڻ آهي ته شھري راحيل جي گاڏي جو پيٽرول ختم ٿي ويو ھو جنهن جي سبب ھو گالا ريسٽورنٽ لڳ بيٺو ھو ايس ايڇ او عزيز ڀٽي عديل افضل جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي جي تحقيقات ڪري رھي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.