باباءِ قوم جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باباءِ قوم جي 74 هين يوم وفات تي قوم ان جي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڪيل جدوجهد، ڏور انديشي ۽ قائداڻي صلاحيتن تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، اڄ پاڪستان کي درپيش چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ لاءِ باباءِ قوم جي سنهري اصولن تي عمل ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو 74 هون يوم وفات آهي، سڄي قوم اڄوڪي ڏينهن قائداعظم جي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن جي جنگ ۾ اڻٿڪ جدوجهد، دور انديشي ۽ قائداڻي صلاحيتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، قائداعظم جي قيادت کانسواءِ مسلمانن لاءِ آزاد رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿئي ها. هن چيو ته اڄ قوم کي پاڪستان کي درپيش انهن چئلينجز مان نڪرڻ لاءِ باباءِ قوم جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي لازوال سنهري اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، معاشي مشڪلاتن ۾ گهريل وطن عزيز کي ٻوڏ جي قدرتي آفت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.