ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ ٻوڏ، سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ

ڳاڙهو(رپورٽ:محمد علي راڻو) ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾  سنڌو دريا ۽ سمنڊ آمهون سامهون  سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ بندن کي گهاراخبر موجب هڪ طرف درياء سنڌ ۾ وڏي سيلاب جو نيڪال ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ آھي ته ٻئي طرف سمنڊ ۾ هن وقت جوار موج هئڻ ڪري سيلاب جو پاڻي نيڪال نه پيو ڪري سنڌو دريا ۽ سمنڊ آمهون سامهون هئڻ ڪري سنڌودرياءَ  جي ڪچي جا وڌيڪ سوين ڳوٺ  جهڙوڪ سڄڻواري ،ٺاريواري، مورڇڏائي، ٻاٻيهو مارشلا، دولتپور ڳوٺ، حاجي صديق چنا، جمن هوتاڻي، خليفه موليڏنو اوٺو، جنگيسر ڳوٺ، خيرمحمد بلوچ ،نامياري شاعر علي محمد اڏيرائي جوڳوٺ اڏيرو سانول پور گليل ڳاهي جو ڳوٺ ۽ ٻيا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن جن جا هزارين متاثر پاڻ مرادو لڏپلاڻ ڪري رهيا آھن ٻئي طرف ڪيٽي بندر جي مورڇڏائي واري علائقي کان روڊ کي پيل گهارو اڃا تائين نه ٻڌڻ ڪري سوين لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جو زميني رستو ڪٽجي ويو آھي جنهن ڪري سوين خاندان پاڻي ۾ ڦاٿل آھن جڏھن ته انهن علائقن ۾ موبائيل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ پڻ بند آهي جنهن ڪري ماڻهن کي رابطي ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون اچي رهيون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.