گڏاپ فارم هائوس ۾ سوئمنگ پول ۾ وهنجندڙ نوجوان فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي گڏاپ سٽي ٿاڻي جي حد گڏاپ ۾ واقع ھڪ خانگي فارم ھائوس ۾ گلشن اقبال جو رھواسي 16 سالن جو طلحا حسين ولد زاھد حسين فوت ٿي ويو . اطلاع موجب طلحا حسين آچر واري ڏينھن ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪوزي واٽر پارڪ جي ڀرسان السراج فارم ھائوس تي پڪنڪ جي لاءِ آيو ھو ته  سوئمنگ پول ۾ وهنجھڻ جي بعد ٻاھر نڪتو ۽ ٻڌايو ته  ان جي ساهه رڪجي رھي آهي جنھن تي ان کي ويجھي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو . جتي ان علاج جي دوران فوت ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.