شهباز وانگر ٻيو ڪير مناسب طريقي سان پئسا نه ٿو گهري سگهي:پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جنهن سٺي طريقي سان پئسا گھري سگھي ٿو ائين ٻيو ڪير نٿو گھري سگھي. لاهور پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، صحافين جي ڀلائي لاءِ اهڙا قانون جوڙينداسين جنهن کي ڪا حڪومت تبديل نه ڪري سگھي، پريس ڪلب جي ميمبر صحافين لاءِ آپريشن به فري ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن، ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوت لاءِ روڪ رقم ڏني ويندي، ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهڻ لاءِ 8 کان 10 لک رپيا امداد ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت سڀ کي سک ڏيندي، عمران خان جي ٽيلي ٿون ۾ هن وقت تائين اڍائي ارب رپيا گڏ ٿيا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.