ڪنري ڀرسان ھاڪڙي کي امڪاني ڪٽ لڳائڻ تان ٻيھر تڪرار تيز، احتجاج

ڪنري (ت ر)ڪنري ڀرسان ديھه راڄاري وٽان ھاڪڙي درياءُ کي امڪاني ڪٽ لڳائڻ خلاف متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن جي احتجاج بعد صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر پاران جوڙيل ڪميٽي سرزمين تي پھچي جائزو وٺڻ بعد مشينري ذريعي  ڪٽ نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ھو. ڪميٽي جي فيصلي باوجود ٻيھر آبپاشي کاتي پاران ڪٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن تي ڳوٺاڻن پاران مزاحمت ڪئي وئي ته آبپاشي کاتي جا عملدار کسڪي ويا جنھن بعد ڳوٺاڻن چوڪسي رکي رات ڪاٽي. ٻيھر ڪٽ لڳائڻ جي ڪوشش خلاف متاثرن نئون ڪوٽ ڪنري روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻ حاجي ارشاد باجوه. والم ڀيل، معشوق علي، مشتاق، جمعون ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته ھتي قدرتي طور تي ڍوري کي ڪٽ ڏيڻ جو ڪوبه لنگھ ناهي، ان جي باوجود بار بار ڪٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بااثر ماڻھو ھٿن سان ڪٽ لڳائي اسان کي ٻوڙڻ چاھين ٿا، ھنن چيو ته صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر پاران جوڙيل ڪميٽي پاران مشينري ذريعي ڪٽ نه لڳائڻ جي فيصلي باوجود ڪٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان ڪنھن کي وڃي دانھن ڏيون، ھنن مطالبو ڪندي، چتاءُ ڏنو ته هتي ڪٽ لڳائڻ بند ڪيو وڃي، جيڪڏھن ٻيھر ڪٽ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان سخت مزاحمت ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.