سنڌ ۽ بلوچستان کي هٿرادو ٻوڙائي اٽي ۽ اجهي لاءِ تڙپايو پيو وڃي

حيدرآباد (پ_ر) هٿرادو ٻوڏ آڻي وڏن ڊيمن جي پروپيگينڊا ڪندڙ ملڪ دشمن ايجنڊا تي پيا هلن. بلوچستان ۾ 22 کان وڌيڪ ڊيم ڦاٽي پيا، جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تباهي آئي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي هٿرادو ٻوڙائي پوءِ انهن کي اٽي ۽ اجهي لاءِ تڙپايو پيو وڃي. اين ڊي ايم اي جواب ڏئي ته انهن ٻوڏ متاثرن جي لاءِ مليل امدادي سامان ۽ پئسا ڪيڏانهن ڪيا؟ سنڌ جي عوام کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي جون نه ٻيڙيون پهتيون ۽ نه ئي وري اين ڊي ايم اي وارن ڪنهن ماڻهو کي کاڌ خوراڪ ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ عبدالرحمنٰ سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل چئي پيو ته پاڪستان ٻين ملڪن جي ڏوهن جي سزا پيو ڀوڳي. عالمي سامراجي قوتن جي سبب ماحولياتي تباهي آئي آهي جنهن سبب پاڪستان سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي پيو. ماحولياتي تباهي کي نه روڪيو ويو ته سنڌ ۽ پاڪستان سميت ٽين دنيا جي سمورن ملڪن جي عوام تڙپي تڙپي مرڻ لڳندو. اڳواڻن چيو ته ڊيم به ماحول دشمن آهن. ڊيمن سبب پاڪستان خصوصن سنڌ سوڪهڙي توڙي وسڪاري ۾ خطرناڪ تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ملڪ جو آبپاشي نظام وڏيرن ۽ سردارن، جاگيردارن جي حوالي ڪيو ويو آهي، ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا ٻوڏ متاثرن جو راشن هڙپ ڪرڻ بدران ملڪ جي تحفظ تي ڌيان نه ڏين. پرڏيهه مان هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي روڪلڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته هٿرادو ٻوڏ آڻي، ڊيم ٺاهڻ جي پروپيگينڊا ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻي پاسي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو نه ڪرڻ، ڪي اين شاه کي هٿرادو ٻوڙائي، ڪي اين شاه مان پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي انتظاميا طرفان لکين ٻوڏ متاثرن کي رهائڻ لاءِ ڪيمپون ڊڪليئر نه ڪرڻ ۽ جيڪي چند ڪيمپون ڊڪليئر ڪيون ويون آهن تن ڪيمپن ۾ انساني ضرورتن جون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف ڪي اين شاه بحالي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماهه نور، سنڌو ملاح، عاطف ملاح، غلام علي زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.