ٺل ۾ برسات بعد چارو مهانگو، بهه ٻه سئو مان 8 سئو رپيا مڻ ٿي ويو

ٺل (ن ع آ  )ٺل تعلقي ۾ چوپائي مال جو چارو مهانگو،بهه 200 مان وڌي 800 روپيه ٿي ويو،بوسي 1500 مان وڌي 2400 روپيه في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳي،مالوند پريشان،مالوندن پاران ڊي سي جيڪب آباد کان ڪاروائي جي گهر،خبر موجب ٺل تعلقي ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ سائو گاهه ختم ٿي ويو آهي،جنهن کانپوءِ چوپائي مال جو چارو مهانگو ٿي ويو آهي،ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات مان معلوم ٿيو آهي ته برسات کان اڳ بهه جو في مڻ 200 روپيه مڻ وڪرو ٿي رهيو هو جيڪو هاڻي وڌي 800 روپيه ٿي ويو آهي،جڏهن ته مينهن،ٻڪري،ڳئون توڙي ٻيو چوپايو مال سائو گاهه کائيندو آهي،چوڌاري پاڻي اچڻ جي ڪري علائقي ۾ سائو گاهه نه آهي جنهن جي ڪري مالوند مجبورن مهانگي اگهه تي بهه خريد ڪري رهيا آهن،جنهن بعد بهه جو ڪاروبار ڪندڙ واپارين پاران من پسند اگهه وڌايا پيا وڃن،جڏهن ته برسات کان اڳ بوسي 1500 روپيه في مڻ وڪرو ٿيندي هئي جيڪا هاڻي وڌي 2400 روپيه ٿي وئي آهي،مجبور مالوند مهانگي اگهه تي چوپائي مال جو چارو خريد ڪري رهيا آهن،مالوندن مطالبو ڪيو آهي ته ڊي سي جيڪب آباد بهه ۽ بوسي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ واپارين جي خلاف ڪاروائي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.