وهاب سومرو جي ڀائٽي جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا:اعجاز سامٽيو

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو سچل ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ وهاب سومرو جي نوجوان ڀائٽي شهزاد سومرو جي بيرحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اعجاز سامٽيو جو چوڻ هو ته هڪ نوجوان جيڪو نيو سبزي منڊي ۾ پنهنجي خاندان جي ڪفالت لاءِ پورهيو ڪندو هيو ان جو تشدد ٿيل لاش ملي ٿو پر پوليس سڪون سان ويٺي آهي.هن جو چوڻ هو ته نيو سبزي منڊي سميت جمالي پل، گلشن معمار ۽ پسگردائيءَ ۾ هي ڪو پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ به ڪيترائي نوجوان انھي علائقن ۾ قتل ٿيندا رهيا آهن جن جا پيرا افغان بستي طرف وڃن ٿا پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڏيتي ليتي ڪري معاملو لئه مٽي ڪري ٿي ڇڏي.اعجاز سامٽيو وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ کي فوري طور نوٽيس وٺي قتل جي شفاف جاچ ڪرائڻ گهرجي. هن ڏکويل خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.