ميهڙ ۽ ڀرپاسي گيسٽرو، تعلقي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو

ميهڙ ( س ر )   ميهڙ ۾ انڊس هاءِ وي جي پاسي توڙي روڊن جي ڪناري تي ويٺل ماڻهن ۾ گيسٽرو ڦهلجي وئي آهي گيسٽرو سبب تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي گيسٽرو سبب تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ دوائن توڙي عملي جي سخت کوٽ آهي ، ميهڙ ۾ رستي تي ويٺل ٻوڏ متاثرين ۾ گيسٽرو فهلجڻ سبب وڏي تعداد ۾ مريض تعلقه اسپتال ميهڙ جو رخ ڪيو آهي اسپتال پهتل مريضن ۾ جنسار پٽ گلزار چانڊيو ، صائمه ڌي گلزار ، وڪيلان ، سونهن کوسو ، حفيظان کوسو، نسيم کوسو ، عنايت بروهي ، منظور بروهي ، ميرزادي لاشاري ، نواب خاتون ۽ 40 کان وڌيڪ ٻيا مريض شامل آهن جن مان ڪيترن ئي مريضن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي پئي ميهڙ ۾ گيسٽرو سبب اسپتال ۾ هاءِ الرٽ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.