ڪنڊيارو ۾ خانگي اسڪول عملي جو شاگردن جي پيءُ تي تشدد، وڊيو وائرل

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو جي پرائمري اسڪول استاد شاهد علي سهتو جو سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو بيان وائرل ٿيو آھي جنهن ۾ هن ڪنڊيارو جي هڪ خانگي تعليمي اداري پارس جي انتظاميا مٿان ڪتابن جا لکيل اگهه  لڪائي من پسند اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شڪايت ڪرڻ تي تشدد ڪرڻ جو اازام لڳايو آھي، پنهنجي وڊيو بيان ۾  استاد شاهد سهتو ٻڌائي ٿو ته هن جو نينگر حبيب الله سندس نوڪري کان اڳ پارس اسڪول ۾ داخل هجڻ سبب اتي ئي پڙھندڙ آھي ۽ سندس باقي چار ٻار نوڪري ملڻ بعد هن وٽ ئي سرڪاري اسڪول ۾ پڙھندا آھن. ، شاهد سهتو جو چوڻ آھي ته پارس اسڪول ۾ پڙھندڙ نينگر جي گهرج وارن ڪتابن لاءِ هو پارس اسڪول ويو جتي انتظاميا پاران ڪتاب ڏيڻ بعد ڪتابن جي وڌايل رقم وارو بل ڏنو ويو، جنهن تي هن اعتراض واريو ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پاران خانگي اسڪولن کي اسٽيشنري  ۽ ڪتاب نه رکڻ واري نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏنو، شاهد سهتو وڊيو بيان ۾ الزام لڳائيندي چيو ته اعتراض ۽ شڪايت ڪرڻ تي اسڪول جا انتظام سنڀاليندڙ مرسل شاهه ڏمرجي نينگر کي پارس اسڪول مان ڪڍي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو چيو جنهن تي مون هن کي چيو ته آءُ به استاد آھيان ۽ اوهان کي اهڙو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي، تنهن بعد مرسل شاهه وڌيڪ ڏمرجي پنهنجي ٻئي ڀاءُ ۽ اسٽاف کي گهرائي تشدد ڪرايو، پرائمري  استاد شاهد سهتو وڊيو بيان ۾ اهو به الزام لڳايو آھي ته مٿس تشدد بعد هن کان موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل جي چاٻي ڦري وئي، سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي ان عمل جي مذمت ۽  پارس اداري مٿان ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.