قمبر ويجهو معصوم ٻارڙو گيسٽرو وگهي فوت

قمبر (ت ر ) قمبر جي ڳوٺ سونو خان چانڊيو جو معصوم ٻارڙو ٻن ورهين جو محمد طيب پٽ حسين علي چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو  وارثن جو چوڻ هو ته ڳوٺ سونو خان چانڊيو ۾ ٻوڏ اچڻ بعد بچاء بند تي ويٺل آهيون جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي معصوم ٻارڙي کي گيسٽرو ٿي پيو هو جنهن کي ٻيڙي ذريعي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ته بيمار ٻارڙو رستي ۾ فوت ٿي ويو ٻئي پاسي صحت کاتي جي دعوي آهي ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڃي علاج ڪن ٿيون پر صحت کاتو عام ماڻهن کي صحت جون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.