پيرجوڳوٺ واسڻ رليف ڪئمپ مان مبينا اغوا، اين سي داخل

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ شهر جي سالار پاڙي واسڻ  نوجوان ناري ڪومل ڌيءَ ممتاز علي لاکو کي مبينا طور جوابدار اغوا ڪري ويا جڏهن ته ناري جي والد ممتاز لاکو جوابدار قدير ڌاريجو سميت ٽن جوابدارن تي اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ناري جي والد ممتاز لاکو جو چوڻ آهي ته برسات سبب گهر ڊهي پوڻ ڪري شاھ مردان شاہ اسڪول جي رليف ڪئمپ پناہ ورتي جتان جوبدار قدير ڌاريجو ٽن ساٿين سان گڏجي زبردستي ڌيءَ اغوا ڪري کڻي ويو آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌر گهر خالي فرار ٿي وئي آهي ناري جي بازيابي لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.