ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ متاثر 8 ورهين جو سمير چانڊيو چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا

انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن سمير جي سار نه لڌي، راڳي وقار ملاح ۽ صحافي جبار ڪابورو نينگر وٽ پهتا

ڪوٽڙيءَ ۾ جهوپڙيون ٺاهي ويٺل ٻوڏ متاثرن جو هڪ معصوم ٻارڙو ٻوڏ جي پاڻي سبب اذيتناڪ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهي

8 ورهين جي سمير چانڊيي جو سئو سيڪڙو جسم متاثر آهي ۽ سندس اکيون پڻ هن بيماري سبب متاثر ٿيون آهن

ٻوڏ جون تڪليفون ڏسندڙ هن ٻارڙي جو ڪٽنب وارهه تعلقي جي ڳوٺ ڪڙيي مان لڏي اچي ڪوٽڙي واري جهوپڙي ۾ پناهه وٺي ويٺل آهي

ٻارڙي کي چمڙي جي بيماري وارين خبرن تي سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونءِ نه چري آهي جڏهن ته عوامي آواز ڪوٽڙي جو رپورٽر جبار ڪابورو ۽ قومي راڳي وقار ملاح معصوم نينگر سمير وٽ پهتا جن ٻارڙي کان حال احوال ورتو

معصوم ٻالڪ سمير جي ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن طرفان ڪا به سار نه لڌي وئي آهي جڏهن ته سندس علاج لاءِ به ڪي ڪوششون نه ورتيون ويون آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.