سانگهڙ جي هيلٿ ورڪر پاڻي جهاڳي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۾ رڌل

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ضلعي جي تعلقي کپري سان واسطو رکندڙ هيلٿ ورڪر سگنا اوڏ ڪيترائي فوٽ بيٺل پاڻي جهاڳي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ واري ڪم ۾ رڌل آهي.
سندس چوڻ آهي ته هو پوليو ٽيم جو حصو آهي ۽ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ سندس لاءِ ضروري آهي.
هو چوي ٿي ته هاڻي وڏيون برساتون پيون آهن پر مشڪلاتن باوجود مون کي وڃڻو پوي ٿو ڇو ته هي سڀ ٻار منهنجي ٻارڙن جهڙا ئي آهن.

سگنا اوڏ هڪ انٽرويو ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
سندس خواهش آهي ته ملڪ مان پوليو جي وائرس جو خاتمو ٿي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.