سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا 23-2022 لاءِ ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪري ڇڏي.

اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪابينا ۾ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته هن وقت زمينون ٻڏل آهن، نئين فصل جي تياري لاءِ هارين کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي، سٺي سپورٽ پرائس ڏيڻ سان آبادگار نئين فصل لاءِ جلد زمين تيار ڪندا.

سندس موجب وڏي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن هن سال ڪڻڪ جو فصل نه ٿيو ته ڏڪار جهڙي صورتحال ٿي ويندي، اسان هن وقت 9000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ درآمد ڪري رهيا آهيون، اسان پنهنجي آبادگارن کي فائدو ڏيڻ بدران ٻين ملڪن کي فائدو پهچائي رهيا آهيون.

شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا في مڻ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.