دادو تان ٻوڏ جو خطرو نه ٽريو، تيز وهڪرن ۾ رنگ بند ٽٽي پيو

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب گھيري ۾ آيل شهرين جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جاري آهن.

شهر جي پهرين ڊفينس لائين چڪ پل ٽٽڻ کانپوءِ شهر کي بچائڻ لاءِ پلان بي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، جنهن تحت باءِ پاس روڊ تي ٻرڙا تلاءَ جي ڪپرن تي رنگ بند جي اڏاوت جاري آهي.

ڳري مشينري ذريعي مٽي وجهي رنگ بند کي 15 فٽ تائين مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان کانسواءِ منڇر ڍنڍ جو وهڪرو دادو جي رنگ بند ٽوڙي ويو جنهن سان شهرين کي ٻوڏ جو خدشو آهي.

ٻئي پاسي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي سطح ۾ لاٿ کانپوءِ منڇر ڍنڍ ۾ مختلف هنڌن تي ڪٽ لڳائڻ سان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڏيڍ لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي.

هوڏانهن مٽياري ضلعي ۾ مينهن جو پاڻي اڃا تائين نيڪال ناهي ٿي سگھيو جنهن سبب مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ ڪري ماڻهو بيمار ٿيڻ لڳا آهن.

نوشهروفيروز ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 15 ۽ 16 جا 50 کان وڌيڪ ڳوٺ اڃا به پاڻي هيٺ آهن جتي ڪيترن ڏينهن کان بيٺل پاڻي سان وبائي مرضن ڪر کنيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.