گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو دورو. امداد لاءِ ڪيترو فائدي وارو ٿيندو ؟

گڏيل قومن جي سيڪريٽري پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ کي وڏو ھاڃو قرار ڏيندي دنيا کي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي،ھو ملڪ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباھي جي جائزي وٺڻ  ۽ صورتحال جي نزاڪت کي سمجھڻ جي لاءِ جمعي واري ڏينھن پاڪستان جي دوري تي پھتو آھي.غيرمعمولي برساتن کانپوءِ ٻوڏ پاڪستان ۾ ھڪ انتھائي وڏو مسئلو ٿي ويو آھي جنھن کي اڪيلي سر منھن ڏيڻ ممڪن نھ رھڻ تي گڏيل قومن کي جائزي وٺڻ ۽ مدد ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي ھئي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان لاءِ 30 ارب ڊالرز امداد جي اپيل ڪري ڇڏي آھي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم سميت اعلي عملدارن پاران کيس ملڪ جي ٻڏل ۽ متاثر علائقن ۾ ٿيل تباھين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.انتونيو گوتريس ان صوتحال جي جائزي بعد چيو ته پاڪستان ۾ موسمي تبديلي  سبب وڏي تباهي آئي آهي. ماحولياتي تبديلي جي ذميوار ملڪن کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ اها مدد ڏيڻ يڪجهتي جو اظهار نه پر انصاف ڪرڻ هوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي ان ڏوهه جي سزا ملي آهي جيڪو ان نھ پر ٻين ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف،گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيو گوتريس کي يقين ڏياريو تھ عالمي امداد جو هڪ هڪ پئسو شفاف انداز ۾ متاثرن جي عملي مدد لاءِ خرچ ڪيو ويندو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽريءَ سوال ڪيو  ته ڇا منڇر ڍنڍ مان اڃا به ماڻهن کي خطرو آهي؟  اين ايف آر سي سي جي ميجر جنرل ظفر اقبال جواب ڏيندي چيو ته منڇر ۾ پاڻيءَ جي ليول وڌڻ کانپوءِ 2 ڪٽ هڻي دٻاءُ گهٽايو ويو آهي، بلوچستان مان لاڳيتو پاڻي اچڻ سبب منڇر مان هڪ مهيني تائين خطرو برقرار رهندو. سيڪريٽري جنرل ٻيو سوال پڇيو ته ڇا اڃا وڌيڪ برساتن جو بھ خطرو موجود آهي؟ ميجر جنرل ظفر اقبال چيو ته 25 سيپٽمبر کان برساتن جي اڳڪٿي آهي. في الحال سسٽم جو رخ ڀارت ڏانهن آهي پر ماحولياتي تبديلي سبب اهو اسان ڏانهن به اچي سگهي ٿو،

انتونيو گوتريس کي ٻوڏ جي تباهڪارين بابت وڊيوز ۽ سلائيڊز ذريعي جامع بريفنگ به ڏني وئي. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پاڪستان لاءِ آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته ايتري وڏي قدرتي آفت اڳ ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلي جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جا گهر، روزگار، فصل تباهه ٿي ويا آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.

سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ ۾ نقصان ٿيو آهي.هي ايڪي جي اظهار جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي.

هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، عالمي برادري ان جي ساراهه ڪري ٿي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور سهڪار ڪري

گڏيل قومن جي سيڪريٽري کي ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو پڻ ڪرايو ويو،ھن کي متاثرن جون ڪئمپون پڻ ڏيکاريون ويون.کيس تباھي جي صورتحال ،فضائي دور سان،. نقشن ۽ وڊيوز وسيلي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽تفصيل ڏنا ويا.

گڏيل قومن جو ادارو ئي ھڪ اھڙو فورم آھي جتان دنيا کي بھتر طور تي مخاطب ٿي سگھجي ٿو.اھڙي ڏکي صورتحال ۾ گڏيل قومن جي اڳواڻ جو دور يقينن خاص اھميت رکي ٿو.جنھن سان ھڪ مصيبت جي وقت ۾ اھا اميد پيدا ٿي آھي تھ دنيا ملڪ جي مدد ڪندي تھ جئين عوام وري نيئن سر سان پنھنجي حياتي جي شروعات ڪري سگھي.

اھو سڀ درست آھي پر ھن وقت تائين جي جيڪا صورتحال آھي ان ۾ اھو ياد رکڻ گھرجي تھ ملڪ ۾ جيڪو نقصان ٿيو آھي ان جو ڪو بھ ڪاٿو نھ ٿي سگھيو آھي،ھن وقت تائين اھو سڀ انداز ئي آھي تھ نقصان ڪيترو ٿيو آھي ان جو اصل پتو تھ تڏھن پوندو جڏھن برسات بند ٿيند ي۽ ٻوڏ لھي ويندي جنھن بعد ئي ٿيل نقصان بابت انگ اکر گڏ ٿي سگھندا جنھن کانپوءِ ئي خبر پئجي سگھندي تھ ڪيترا گھر ڊٿا ڪيترو ڍانچو تباھ ٿيو،ڪيترو مال مئو ۽ ٻيو مال ملڪيت ڪيترو ختم ٿي ويو. سو ان جي اڃان بعد ۾ خبر پوندي.

ٻيو اھو بھ اھم آھي تھ گڏيل قومن جو فورم سموري دنيا جي لاءِ يقينن اھم آھي پر گڏيل قومن جي سيڪريٽري وٽ پنھنجي ھٿ ۾ ڪو گھڻو ڪجھھ ناھي ان ھوندي بھ اھو ادارو ڪجھھ مدد ڪري سگھي ٿو،پر اھو ادارو اھو ڪري سگھي ٿو جيڪو ھن ان سلسلي ۾ ڪيو آھي يعني اھو دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ اپيل ڪري سگھي ٿو.

ھاڻي ڏسڻو آھي تھ سندس اھڙي گذارش تي دنيا مان ڪھڙي موٽ ملي ٿي، ان بعد ئي اھو چئي سگھبو تھ ھن دوري سان اسان جي ملڪ کي ڪھڙو ۽ ڪيترو فائدو فائدو ٿيو. ان ھوندي بھ اھو ھڪ وڏو ڪم آھي،جيڪو ٿيو آھي.ان سان ھڪ اميد ٿي آھي ڇاڪاڻ جو اھا اپيل گڏيل قومن جي فورم تان ھن پاڪستان جي دور ڪرڻ بعد ڪئي آھي،جنھن جا يقينن ھاڪار نتيجا نڪرندا.

گڏيل قومن دنيا کي اھو پڻ چيو آھي تھ پاڪستان کي اڻ ڪيل ڏوھن جي سزا ملي رھي آھي.اڄ پاڪستان جو وارو آھي سڀاڻي ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ بھ ائين ٿي سگھي ٿو.ان وچ ۾ ھن اھو بھ ذڪر ڪيو تھ موسمياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان کي پھتل نقصان جي ازالي لاءِ اڳيان اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.