ٻوڏ جي تباھي گهٽائڻ لاءِ گڏيل جدوجھد کپي

محمد خان سيال

سنڌ۾ ٻوڏ جي ڪري اڳ ئي وڏي تباھي آيل آھي. ان کي روڪڻ لاءِ ضروري آھي ته نه رڳو سنڌ سرڪار پر ٻيا واسطيدار ادارا، بااختيار انفرادي ۽ واسطيدار ماڻھو بچاءُ لاءِ گڏيل پر نيڪ نيتيءَ سان جدوجھد ڪن جنھن ۾ سڄي سنڌ جي عوام جي ڀلائي سمايل ھوندي آھي. اھم مسئلو آھي: اڳواٽ بچاءَ جا اختيار استعمال ڪرڻ، جنھن ڪري اھو فائدو ٿيندو ته اڳتي ھلي يعني آئيندي سنڌ جا ماڻھو ڳاٽي ٽور ٻوڏ اچڻ باوجود گهڻي حد تائين سلامت رھندا يعني وڏي تباھيءَ کان بچي ويندا. اھا وڏي بدقسمتي آھي ته اسان جي سڀني واسطيدارن، ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ سخت قدم ڪونه کنيا ھئا. مطلب اھو آھي ته ٻوڏ ايندي آھي ته رڳو پنھنجي ۽ پنھنجي ڪٽنب جي جان بچائڻ جي وقتي طور ڪوششون ڪندا آھن پر اڳتي ھلي، انھيءَ مصيبت مان آئيندي جان بچائڻ جي ڪا خاص ڳڻتي ڪونه ھوندي اٿن.

سچائي اھا آھي ته سنڌ جي ڪيترن ماڻھن ناجائز قبضا ڪري، پاڻيءَ جي امڪاني ٻوڏ کي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آھي. سال 2010 ۾ به خطرناڪ ٻوڏ آيل ھئي پر ھاڻوڪي زوردار ٻوڏجي ڀيٽ ۾ اھا به گھٽ ھئي. ميڊيا موجب، ان وقت به سنڌ سرڪار ناجائز قبضا ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر عوام کين ڪو ڪارائتي موٽ ڪونه ڏني ھئي.

تازو ھڪ قومپرست اڳواڻ جو ميڊيا ۾ تفصيلي بيان آيل آھي. سندس چواڻي ٻوڏ ته برسات قدرتي عمل آھي پر حڪومت جي نااھلي ۽ ذاتي مفاد خاطر لالچ ۽ ڪرپشن ڪري سڄي سنڌ تباھ ٿي وئي آھي. ھن پنھجي نفرت واري بيان ۾ رڳو سنڌ سرڪار کي ذميدار سڏيو آھي يعني ٻيا ذميدار سندس آڏو شايد فرشتاآھن. اسان جو مقصد اھو ناھي ته تنقيد ڪونه ڪجي. تنقيد ڀلي ڪجي پر جائز ڪجي. اسان وٽ اھڙا ليڊر آھن جيڪي ڏينھن رات رڳو نفرت جو ڪاروبار ڪندا رھندا آھن. مثال عوام جا ناجائز قبضا ختم ڪري امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ ضروري ھوندو آھي تنھن جو خاص حولو ڪونه ڏيندا  آھن. ٻيو اھو ته سنڌ سرڪار ڇوٽڪاري لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري پيئي ته ان جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ جتي ڪمزوري ھجي اتي ڀلي مٿن جائز تنقيد ڪرڻ گهرجي.پر اسان وٽ ائين ڪونھي. اسان وٽ ڪجھه سياسي اڳواڻ رڳو نفرت جو ڏينھن رات ڪاروبار ڪري اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته رڳو اھي ئي سنڌ جا اڪيلا خيرخواھ آھن ۽ ٻيا ڪير به ڪونھن. اسان جو مقصد آھي ته جائز تنقيد ڀلي ڪجي پر نفرت جو ڪاروبار رڳو مشھوري ڪرڻ لاءِ اختيار ڪرڻ ناجائز آھي. ڪاش! اھا سچائي کين سمجهه  ۾ اچي. اھڙن اڳواڻن کان ڀلي پڇي سگهجي ٿو ته عمران خان تازو بيان ڏنو آھي ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو يعني سندس اصل مقصد ظاھري طور سنڌ ٽوڙڻ ئي آھي جنھن جو ھن اڳ به اعلان ڪيو ھو پر سنڌ جا ٺيڪيدار، سنڌ ٽوڙڻ لاِ ڊويزنن کي صوبا بڻائڻ خلاف زوردار مھم نٿا ھلائين ۽ نه ھلائيندا. سندن مقصد رڳو ھڪ طرفي نفرت پيدا ڪرڻ  ھوندو آھي، جائز جدوجھد ڪونه.

ھونئن به پنجاب کان ٻوڏ جي ڪري واڌو پاڻي سنڌو درياھ ۾ داخل ٿيندو آھي ڇاڪاڻ ته  سنڌ، سنڌو درياھ جي پڇاڙيءَ ۾ آھي ۽ سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ  مينھن به تباھيءَ ۾ واڌ آندي آھي.اھا سچائي آھي ته عام طور پنجاب سنڌ جو جائز پاڻي گهڻي حد تائين روڪي ڇڏيندو آھي ته جيئن سنڌ ڀلي تباھ ٿئي پر اھا سچائي آھي ته جڏھن ٻوڏ ايندي آھي ته پنجاب گهڻو پاڻي، سنڌ ڏانھن موڪلي ڇڏيندو آھي ته جيئن سنڌ ڀلي تباھ ٿئي. اھڙو ڌنڌو ڀارت به پاڪستان ۾ وڌيڪ ٻوڏ جو پاڻي موڪلي ان کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو آھي.

سنڌ جي زوردار ۽ لاڳيتي احتجاج باوجود، پنجاب پاڻيءَ جي مسئلي تي ڪونه سڌرندو آھي ۽ نه ئي اڳتي ھلي سڌرندو. تازو بلوچستان جي چيف انجنيئر جو بيان ميڊيا ۾ شايع ٿيل آھي ته بلوچستان مان ساڍا پنج لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آھي جڏھن ته ساڍا پنج لک ڪيوسڪ وھڪرا سنڌ ۾ داخل ٿي ويا آھن. بھرحال، اهو پاڻي اچي ڇوڙ ته منڇر ۾ ٿو ڪري پر سرڪار ۽ انتطاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي جي ڪري اهو پاڻي جيڪا تباهي پکيڙي ٿو ان جي ڇوڙ لاءِ ڪا جاءِ نه آهي.

مان معلومات لاءِ ستن سالن وانگيان ھر ڏھاڙي فيس بوڪ ۽ ٽئيٽر تي خبرون ڏيندو آھيان سو تازو بلوچستان کان زوردار آيل ٻوڏ جي پاڻيءَ جي خبر رليز ڪيم پر انھيءَ خبر تي ڪنھن به سنڌ جي ماڻھوءَ، بلوچستان کان آيل ججهي پاڻيءَ کي ڪونه ننديو ته انھن کي سنڌ ۾ ايڏو پاڻي موڪلڻ ڪونه کپي ھا يعني رڪاوٽ وجهي پنھنجي علائقي ۾ ٻئي طرف پاڻي موڪلن ھا يا سمنڊ گهڻي حد تائين گڏ اٿن، اتي موڪلين ھا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو بلوچستان جو پاڻي وڌيڪ تباھي آڻيندو.

ٻوڏ جي پاڻيءَ جي سلسلي ۾، ملڪ جي اڳوڻي سربراھ جنرل پرويز مشرف جو انوکو بيان به ياد اچي ويو ته سندس دور ۾ جڏھن بدين ۾ زردار مينھن سبب ٻوڏ آئي ھئي ته ھن بيان ڏنو ھو  ته بدين  جي ٻوڏ جو پاڻي پنجاب جي علائقي کي تباھ ڪيو آھي، مون تن ڏينھن ۾ فيسبوڪ تي پوسٽنگ ڪري زوردار مھم ھلائي ھئي ته بدين جو پاڻي ھيٺ سنڌي سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ ويندو يا الٽو مٿي وڃي يعني ڊگهو سفر ڪري پنجاب ۾ ته ڪونه پھچندو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن به اھڙي غلط بيان تي پرويز مشرف کي ننديو ھو.

ٻوڏ جي سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ تازو ٻوڏ جي صورتحال ۽ متاثرن جي مسئلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سمورا ادارا ڪم تيز ڪن ته جيئن ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.عملدارن وڏي آگاهي ڏني ته ٻوڏ متاثر، علائقن ۾ ورهائڻ لاءِ 15 لک خيمن ۽ 15 لک ترپالن جي ضرورت آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته صحت، خوراڪ، زراعت، بحلي، لائيو اسٽاڪ ۽ آبپاشي کاتا گڏجي حڪمت عملي جوڙين.جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي انتظامن، متاثرن جي بچاءُ ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ به گڏجي ڪم ڪيو وڃي.

ٻئي طرف، انجنيئرنگ ڪور پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته دادو_ مورو پل تي لوڊ مئنجيمنٽ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن پل کي نقصان نه ٿئي. انجنيئرنگ ڪور جو چوڻ هو ته درياهه مان وهڪرا گهٽ ٿيندا ته پاڻي ڪڍڻ ۾ آساني ٿي ويندي. جڏهن ته آبپاشي کاتي جو آگاهي ڏيندي چوڻ هو ته ايف پي بند 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ ڇهه فٽ بلند ٿي ويو آهي.آبپاشي کاتي موجب ايف پي بند کي چار ۽ سپريو کي چار گهارا پيا جڏهن ته سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو. اھا به خبر آئي  آھي ته گڊو ۽ سکر بيراج تي پاڻي وھڪرن ۾ لاٿ اچي رهي آهي جڏهن ته ڪوٽڙي تي وڏي ٻوڏ برقرار آهي.ڪوٽڙي بئراج تي مسلسل چاڙھ سبب دٻاءُ وڌي رھيو آهي. بھرحال، سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ بات ھر ڏھاڙي تفصيلي خبرون اچن ٿيون پر اسپيس گهٽ ھئڻ ڪري سڀ بيان ھڪ ئي وقت نٿا بيان ڪري سگهجن. ھڪ اڌ مثال معلومات لاءِ  ئي آھي.

اسلام آباد ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ پنهنجي هن سال آمدنيءَ جو 10 سيڪڙو حصو ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. زيڊ ٽي بي ايل طرفان تازو جاري ڪيل پريس رليز موجب جون 2022ع ۾ زرعي بئنڪ 514 ملين جو نفعو ڪمايو جيڪو بئنڪ جي تاريخ ۾ هڪ مثال آهي. زرعي ترقياتي بئنڪ جي صدر محمد شهباز جميل، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل کي بئنڪ طرفان 5 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو ۽ ان ارادي جو ورجاءُ ڪيو ته زيڊ ٽي بي ايل، ڏکئي وقت جي هن گهڙيءَ ۾ سرڪار ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

بھرحال، اسان جي سنڌ جي، پاڻ کي اڪيلو خيرخواھ سڏائيندڙ  سياستدانن کي عرض آھي ته رڳو ھڪطرفي سياسي نفرت جو ڪاروبار، ڇڏي ڏيو ۽ سڄي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ سچ پچ سوچيو. جن به وڏيون غلطيون  آھن انھن تي ڀلي جائز تنقيد ڪريو پر ناجائز تنقيد ڇڏي ڏيو. ائين ڪرڻ سان سنڌ جو فائدو ٿيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.