لطيف سائينءَ جو قومي بيهڪ ۾ ڪِردار

صبغت رند

شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه شاعر، سنڌ جي واقفيت ۽ سنڌي ماڻهن وٽ پنهنجي سنڌي هئڻ جي وڏي ثابتي آھي. اها رڳو دعويٰ يا نعرو ناهي ۽ ان لاءِ پڪا حسب نسب آهن، جنهن جا سرچشما لطيف جي شاعري ۽ شَخصيت آهن. هڪ تخليق ڪار جو ڪِردار ادا ڪندي هن پنهنجي بيچين طبيعت کي چين ڏيڻ لاءِ پنهنجي مُلڪ جي علائقن جو سير سفر ڪيو. مختلف علائقن جي ماڻهن جي رنگ ڍنگ ۽ رسمن و رواجن متعلق معلومات ڪئي. ٻوليءَ جي جُدا جُدا لهجن، بي شمار لفظن کي ڪٺو ڪيو. پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کي اڳتي هلي هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو. اهڙي ريت هن ثقافتي طور ڄڻ سڄي سنڌُ کي پنهنجي رسالي ۾ ميڙي محفوظ ڪري ڇڏيو، ايئن سنڌي ٻوليءَ جا جُدا جُدا لهجا هڪ جاءِ تي گڏ ٿيا. اهو ان دور جو عظيم الشان ڪارنامو آهي، جڏهن آمد رفت جي ذريعن اڄ جيتري اَوج نه ڪئي هئي ۽ اُهو ڪم اڪيلي ماڻهوءَ جي وس جي ڳالھه نه هئي. ان جو اڳتي هلي اهو فائدو ٿيو ته سنڌ جي هڪ علائقي جي ماڻهو لاءِ ٻئي علائقي جو ماڻهو ۽ سندس چال چلت اوپرا نه رهيا ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي شاعري سڀني کي گڏ ڪندڙ مُحرڪ سگھه بڻجي وئي ۽ اُهي نفسياتي ۽ ذهني طور تي هڪ ٻئي لاءِ وڌيڪَ ويجھڙائي محسوس ڪرڻ لڳا. ان ڪري ئي لطيف جي شاعري سنڌ جي هر هڪ حصي ۾ پوءِ چاهي اهو لاڙ هجي يا اُتر ۽ ٿر هجي يا ڪاڇو اتان جو ماڻهو ساڳي حُب سان ڳائي ۽ جھونگاري ٿو ۽ اها ڄڻ ته سندس نفسياتي بِيهڪ جو حصو بڻجي وئي آهي. ان ڪري سهڻي لطيف ۽ سندس شاعري جي سنڌي ماڻهن جي قوم بنجڻ واري عمل ۾ پيڙهه جي پٿر واري عُموميت آهي.

سهڻي لطيف جي ڪلامَ ۾ انهيءَ ڪري اهي قدر نمايان ملن ٿا، جيڪي قوم جي بِيهڪ لاءِ سرن ۽ گاري جي حيثيت رکندا آهن. اهي ساڳيا قدر آهن جن جي تعليم ننڍي کنڊ ۽ هر دؤر جي اِنسان دوست دانشور ڏني هئي، پر معاشي ۽ سماجي حالتن جي راست نه هئڻ ڪري انهن کي حاصل ڪرڻ ممڪن نه ٿيو جڏهن ته انهن ساڳين قدرن کي ان دؤر جي يورپ ۾ هڪ عملي صورت ملي رهي هئي. اهي سهپ، تنگ نظريءَ جو خاتمو، معاشي اڻ برابريءَ خلاف جنگ ۽ انسان ذات سان ڪنهن ذات، مذهب وغيره جي متڀيد کانسواءِ محبت ڪرڻ وارا قدر آهن.

لطيف سائين انهن قدرن تي ان ڪري وڌيڪَ زور ڏنو جو اها ننڍي کنڊ جي صوفين جي هڪ اِتِهاس هئي ته هو ڪنهن وڏي ڪڪڙ وانگر ڪائنات تي آرو ڪري ويهڻ بدران انهيءَ عمل کي اڳتي وڌائين جنهن سان سماج ۾ ماڻهپي وارن قدرن کي اَوج ملي ۽ انسان ذات ڪي وکون اڳتي کڻي. اورنگزيب جي اقتدار جي پنجاهه سالن ۾ سنڌ سميت پورو ننڍو کنڊ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ وڪوڙجي ويو هو. داراشڪوهه ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪيو ويو جنهن ڏس ۾ به سنڌ جي خاص خُصوصيت هئي جو هڪ ته داراشڪوهه اورنگزيب جي لشڪر کان ڀڄي سيوهڻ وٽ اچي پناهه ورتي هئي ۽ ٻيو ته کيس اتان محفوظ طريقي سان گجرات وڃڻ کانپوءِ جڏهن شهيد ڪيو ويو تڏهن هو سنڌ جي سرحدن جي ويجھو هو. شايد کيس پنهنجي عقيدي جي ڦهلاءَ ۽ بچاءَ لاءِ سنڌ ئي هڪ محفوظ پشت پناهه نظر آيو هجي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ مخدوم بلال جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ ۽ شاهه عنايت رحه جي پنهنجي ساٿين سميت شهادت جنهن کي انهيءَ دؤر جو اتفاق يا هڪ اهڙي ڳالھه جيڪا حالتن جي لحاظ کان ممڪن نه هئي، پر ٿي گذري ڪري ليکيو وڃي ٿو. انهيءَ دؤر ۾ پورچوگيزن پاران سنڌ جي سُندر شهر ۽ ان وقت جي گادي جي هنڌ ٺٽي کي باهه ڏئي ڦريو ويو ۽ انهيءَ تباهيءَ جو سهڻو لطيف اکين ڏٺو شاهد هو.

هِتي اسان وٽ مسئلو لطيف جي پيغام کي ان وقت جي حالتن جي پس منظر ۾ سمجھڻ ۽ اهو ڏسڻ آهي ته اُهي قدر اڄ ڪيتري حد تائين اسان جي حالتن سان لاڳاپيل آهن ۽ اسان انهيءَ مان ڪيترو سُود حاصل ڪري سگهون ٿا. سهڻي لطيف جي ڪلام ۽ سندس شخصيت تي گهڻو ڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جي ٿيو به آهي ته اهو گهڻي ڀاڱي اهڙين قوتن پاران ڪرايو ويو آهي، جيڪي ڄؤرن وانگر کيس چمٽي ويا آهن ۽ سندن ڪوشش آهي ته شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ شخصيت مان سڄو رَتُ سَتُ پي کيس بلڪل سَکڻو ڪري پوءِ پنهنجي مقصدن لاءِ ڪم آڻين. انهيءَ نموني جي پهرين وک غلام شاهه ڪلهوڙي پاران ڪئي وئي جنهن مٿس مقبرو ٺهرائي کيس رُڳو پير بنائڻ ۽ پنهنجي سياسي ساکَ ٺاهڻ جي اَورچائِي ڪئي. پر شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي عواميت ۽ ماڻهن سان سُود يا بقول سورلي جي ته سندس شعرن جي فطري موسيقيءَ کيس ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ئي سورلي لاءِ اهو ممڪن ٿيو ته هُو لطيف کي دنيا آڏو معروف ڪرائي، هينئر جيئن ته شاھه عبدالطيف ڀٽائي رحه جي شاعريءَ کي لڪائڻ ممڪن ناهي، ان ڪري اهي ماڻهو جن کي غلام شاهه ڪلهوڙي جا پوئلڳ ئي سڏي سگهجي ٿو، اها ڪوشش ڪن ٿا ته سندس ڪلام جون الهامي معنائون ڪڍيون وڃن ته جيئن هو ماڻهن بدران سندن ڪم اچي سگهي. پر جيئن پهرين چئجي چڪو آهي ته لاکيڙي لطيف جي شاعريءَ جو مقصد، سماج کي وڌيڪَ ماڻهپي وارو ٺاهي منجھائنس انسان لاءِ انسان جي نفرتن ۽ ڪدورتن کي ختم ڪرڻ آهي، ان ڪري هو اها معنيٰ قبول ئي نه ٿو ڪري جيڪا سندس ماهِيت سان نه ٿي ٺهڪي ۽ ور ور ڪري مختلف جاين تي پنهنجي ڳالھه ڪري ٿو. هاڻي اهي ماڻهو اڳتي اچن جيڪي سهڻي لطيف جا ساٿي آهن ۽ سندس پيش ڪيل آدرشن ۾ يقين رکن ٿا. پر مٿن به شرط آهي ته پنهنجي ذهن مطابق سمجھاڻي ڏيڻ بدران جديد تحقيق جو سهارو وٺن ۽ پنهنجو پگهر وهائي ۽ رت ولوڙي لطيف سرڪار رحه جي سمجھاڻي پيش ڪن.

انساني تاريخ جو سفر جاري آهي. ماڻهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي. اڳتي وڌڻ جي ان سفر ۾ ماضيءَ جي خراب شين کي ڇڏڻ ۽ سٺين کي نيون معنائون پهرائي پاڻ سان گڏ وٺي هلبو آهي. شاھ لطيف رحه ۽ سندس ڪلام اسان جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل ۽ منزل جو ڏس ڏيندڙ آهن. شاھه لطيف رحه جن قدرن کي پيش ڪيو آهي، انهن کي حاصل ڪرڻ اسانجي سماجَ ۾ اڄ به هڪ آدرش آهي، انهي ڪري شاھه لطيف رحه جو موهه اڄ به اسان سان ساڳيو آهي. انهن آدرشن جي حاصل ٿيڻ کانپوءِ به تاريخ لطيف سرڪار رحه جي انهيءَ ڪِردار کي هميشه پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندي، جيڪو هن سنڌي ماڻهن جي هڪ قوم بنجڻ واري عمل ۾ ادا ڪيو آهي ۽ عالمي پَئماني تي انهن قدرن جو مُبلغ رهيو آهي جيڪي اِنسان ٿيڻ لاءِ اِنتهائي ضروري آهن.

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.