آمريڪي سفير سان فواد چوڌري جي ملاقات، افواهن جو طوفان

لاهور (تبصرو: عمران شفقت) پي ٽي آءِ ۾ فواد چوڌري اهڙي شخصيت آهي، جنهن شهباز گل کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ائين لتاڙيو آهي جيئن عمران خان، جڏهن ته ان دوران باقي اڳواڻن پرويز خٽڪ هجي يا اسد عمر انتهائي محتاط رهيا آهن، وڏي ڳالهه ته شيرين مزاري به اڄ  ڪلهه ٿڌو رويو اختيار ڪيو آهي، نتيجي طور فواد چوڌري ڪنهن  به سياسي پارٽي لاءِ قابل قبول نه رهيو آهي، عمران خان ۽ فواد چوڌري بنا سبب ٺينگ ٽپا نه ڏئي رهيا هئا پر هڪ  ٽيليفون ڪال کين ائين ڪرڻ جي همت ڏئي رهي هئي کين چيو پئي ويو ته بس !  ڪجهه مهينن جي ڳالهه آهي، ان ڪري فواد چوڌري جو دماغ خراب هو،  نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ اهو افواهه هلي رهيو آهي ته فواد چوڌري جي آمريڪي سفير ڊونلڊ لوم سان ملاقات  ٿي آهي، ملاقات ۾ ڇا ٿيو ان جا تفصيل ته نه آهن پر خيال آهي ته فواد چوڌري يقيني پنهنجي لاءِ رستو صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. ڇو ته اوچتو فون اچڻ  بند ٿي وئي شايد!  ٽاور ڪٿي ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويو ان ڪري فواد چوڌري پريشان آهي ڇو ته پاڪستان ۾ رهڻ کيس ناممڪن نظر اچي  رهيو آهي، جڏهن ته اهم  حلقن ۾ اهو به چئو ٻول آهي ته سيڪيورٽي  ادارا اهڙي ملاقات کانپوءِ چوڪس آهن، کين اهو شڪ آهي ته فواد  چوڌري آمريڪي سفير سان شايد!  اسٽيبلشمينٽ جون شڪايتون  ڪيون آهن، ان بابت به اسان کي پڪي ڄاڻ نه آهي پر اسلام آباد ۾ هلندڙ افواهن بابت ڳالهه ٿي رهي آهي، ان سان گڏ ملڪي حالتن مان به محسوس ٿي رهيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ فواد چوڌري سان گهڻو ڪجهه ٿيڻ  وارو آهي ڇو ته هن جيڪو پوکيو آهي اهو کيس لڻڻو آهي،  بچڻ مشڪل آهي باقي شاهه محمود متان منٿ ميڙ ڪري پراڻيون  خدمتون  ياد ڏيکاري آصف زرداري ۽ بلاول کي متان راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.