پاڪستان ٻين جي غلطي جي سزا پيو ڀوڳي،30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي: انتونيو گوتريس

سکر /لاڙڪاڻو/ڏوڪري(نمائندا) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون خطرناڪ آهن، پاڪستان ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پورو ڪرڻ اڪيلي پاڪستان جي وسيلن سان ممڪن نه آهي، دنيا جي ذميداري آهي ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ڪيمپ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، انتونيوگوتريس چيو ته ترقي يافته ملڪن ماحوليات کي آلوده ڪري ڇڏيو آهي، صنعتن جي ڪري آلودگي زمين جي گرمي پد ۾ وڏي حد تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، گليشيئرز تيزي سان پگهرجي رهيا آهن جنهن سان ٻوڏ اچي رهي آهي، اها صورتحال پاڪستان کي به درپيش آهي، هن چيو ته پاڪستان ان ماحولياتي آلودگي جو ذميدار نه آهي پر ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جو شڪار آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده صورتحال وڏي پئماني تي مدد جي ضرورت آهي، هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ جيڪو آواز پاڪستان جو آهي اهو ئي گڏيل قومن جو به آهي، هن چيو ته اسان کي موجوده صورتحال سبب پيدا ٿيل مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، ان لاءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿارينداسين. هن چيو ته ٻِهراڙي جي علائقي ۽ خانداني آبادگاري جي شعبي سان لاڳاپيل ناطي هو آبادگارن جي ٿيندڙ نقصانن کي سمجهي ٿو. هن دعا ڪئي ته ڪو اهڙو معجزو ٿي وڃي جو توهان جي سمورن نقصانن جو ازالو ممڪن ٿئي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن لاءِ في خاندان 25 هزار روپيا وفاق طرفان پيش ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، متاثرن جي ان روڪ امداد مان ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿي رهي آهي، هن چيو ته عالمي دنيا سان گڏجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اهڙو منصوبو جوڙيندي ته آئنده ٻوڏ سبب انفرااسٽرڪچر کي ان قدر نقصان نه پهچي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪالهه سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي جي مختلف امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو. ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه بريفنگ پڻ ڏني،هوڏانهن سکر ۾ پهچڻ بعد  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان ۾ هاڻوڪين برساتن سبب بنا شڪ جي قيمتي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن ۽ اميدن کي ڪو به نقصان نه ٿيو آهي،  اميدن کي زنده رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ ٿيل نقصانن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته  هن وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ 6-6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، امداد ۽ بحالي لاءِ اسان کي کربين رپيا گهربل آهن جڏهن ته اسان جا وسيلا محدود آهن. هن بڌايو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ اسان کي وڌيڪ خيمن، مڇر مار اسپري ۽ ٻين امدادي شين جي ضرورت آهي.روڊ، ريلوي ٽريڪ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هن وقت به اسان کي 30 لک خيمن ۽ مڇر دانين جي ضرورت آهي. متاثر علائقن ۾ جانورن لاءِ خوراڪ جي کوٽ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سنڌ ۾ روڊن جي بحالي لاءِ شروعاتي طور اربين روپين جي ضرورت آهي. اسڪولن، اسپتالن جي بحالي لاءِ 5 ارب روپين جي ضرورت آهي. ٻئي پاسي  وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس اوستا محمد، ضلع جعفرآباد ۾ رليف ڪيمپ ۽ ڪيمپ ۾ قائم اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هوڏانهن ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ انتونيو گوتريس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان اهي شيون پيو ڀوڳي جيڪو ٻين ڦهلايو آهي، جي 20 ملڪ اڄ گئس خارج ڪرڻ جا 80 سيڪڙو ذميوار آهن، بلاول چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آمد خوش آئند آهي، ان دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امداد جي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.