ڪراچي ۾ معصوم ٻارڙي زيادتي بعد قتل

ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي ڪشمير ڪالوني ۾ 10 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، واقعو محمود آباد ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، پوليس واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار ذيشان راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو متاثر خاندان جي گهر جو مسواڙي هو، پوليس موجب ٻارڙي گم ٿي وئي هئي، ڳولا بعد ڪرائيدار جي گهر مان سندس تشدد ٿيل لاش مليو، جيڪو جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.  ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو، جسم جي ٻين حصن کانسواءِ ٻارڙي جي ڪنڌ تي به تشدد جا نشان آهن، پوسٽ مارٽم ۽ موت جي تفصيلي رپورٽ لاءِ مختلف نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، ٻارڙي سان زيادتي جي وڌيڪ تصديق لاءِ ڊي اين اي پروفائلنگ ۽ ڪراس ميچنگ لاءِ به سيمپل حاصل ڪيا ويا آهن، محمود آباد پوليس موجب واردات ۾ ملوث جوابدار ذيشان راجپوت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.