برطانوي راڻي دنيا ۾ هاڪاري تبديلين ۾ ڪردار ادا ڪيو: شهبازشريف

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪه برطانيه، برطانيه ۽ دولت مشترڪه جي قومن جي عظيم الشان ۽ يادگاري تبديلين جي مظهر هئي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪه برطانيه جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ هو برطانيه جي هاءِ ڪميشن ويو هو. وزيراعظم ٻڌايو ته تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجن تاثرات ۾ هن لکيو آهي ته ملڪه برطانيه تسلسل، متوازن ۽ درست پيشينگوئيون ڪرڻ جي اهليت سبب برطانيه ۽ دولت مشترڪه جي قومن ۾ عظيم الشان ۽ يادگاري تبديلين جي مظهر هئي، هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل ڏينهن برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو ۽ آنجهاني راڻي ايلزبٿ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجن تاثرن ۾ لکيو آهي ته راڻي ايلزبٿ تسلسل، استحڪام ۽ دور انديشي سان يو ڪي ۽ ڪامن ويلٿ لاءِ يادگار خدمتون انجام ڏنيون، هن برطانوي وزيراعظم کي تعزيتي خط به لکيو.

نااهلي ۾ پرويز الاهي بوزدار کي به پٺتي ڇڏي ڏنو: عطا تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ چيو آهي ته عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي ٻوڏ متاثرن جو ڪو به فڪر ناهي ۽ نه ئي پنجاب صوبي ۾ ڪي سنجيده ڪوششون ورتيون ويون، پرويز الاهي نااهلي ۾ عثمان بزدار کي پوئتي ڇڏي ويو، هي وقت سياست جو ناهي پر ان جي باوجود هڪ پارٽي اختيارن کي سياست ۽ رياست مخالف بيانئي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، قوم سوال ڪري رهي آهي ته صرف ٻن مهينن ۾ فرح گوگي کي ڪلين چٽ  ڪنهن جي چوڻ تي ڏياري وئي، ڇا هو عمران خان جي بي ناميدار آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.