چوڌري پرويز کي ڌچڪو، ايم پي ايز جو چوڌري شجاعت سان رابطو

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ موجود ق ليگ ميمبرن مان اڌ يا ان کان به وڌيڪ ميمبرن جو چوڌري شجاعت حسين سان رابطو ٿيڻ جا اطلاع آهن، ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي آهي، جڏهن ته حڪمران اتحاد ۾ ٻي ترجيح طور پنجاب ۾ آئيني طريقي سان حڪومتي تبديلي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي، ذريعن موجب چوڌري شجاعت سان رابطو ڪندڙ ق ليگ ميمبرن سندس هر فيصلي کي مڃڻ جو اشارو ڏنو آهي، حڪمران اتحاد ٻوڏ سٽيلن لاءِ قدمن تي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي، جڏهن ته نواز شريف به عالمي برادري سان رابطن تي بلاول ڀٽو زرداري جي تعريف ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.