حڪمران هٿ سان سنڌ ٻوڙائي هاڻي امداد کائي ويندا، جلد عدالت وينداسين: قادر مگسي

ڄامشورو/حيدرآباد (نمائندا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙيو آهي، سنڌي قوم کي تباهه ڪيو، هاڻي هيليڪاپٽرن ذريعي دورا ڪرائي دنيا کان فنڊ وٺڻ جي جتن ڪري رهيا آهن، هن وقت سنڌ ڏکي دور مان گذري رهي آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن، فصل لڙهي ويا آهن، هاڻي ڊگهي عرصي تائين عوام جي تڪڙي بحالي ناممڪن آهي، ان لاءِ سنڌ کي جديد سنڌ لاءِ سنڌ جي ساڃاهه ونڊن کي اڳتي اچڻ گهرجي. هن اهڙن خيال جو اظهار ڄامشورو ۾ ايس ٽي پي جي لڳل ڪيمپن تي دوري ۽ ٻوڏ متاثرن کي راشن جا ٿيلها ڏيڻ دوران خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جا حڪمران قاتل بڻجي ويا آهن جيڪي نه ٿا چاهين ته عوام کي فائدو ۽ امداد ملي سگهي، ڊاڪٽر قادر مگسي اعلان ڪيو ته اسان جلد حڪمرانن خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين ڇاڪاڻ ته سنڌ مٿان جيڪا قيامت برپا ٿي آهي اها قدرتي ناهي اها حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري ٿي آهي، سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو ويو آهي ھٿرادو ڪٽ لڳائي، سنڌ عوام جي نالي تي عالمي ادارن کان حڪمران ڊالر وٺي ڪرپشن ڪري پنهنجا کيسا ڀريندا سنڌ جي عوام کي هاڻي سوچڻ گهرجي نوجوان کي اڳيان اچڻ گهرجي هنن وڏيرن سردارن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، وڏيرن سردارن حڪمرانن سنڌ واسين جي مالڪي نه ڪئي آهي، ڄامشورو ۾ امداد وٺڻ لاءِ آيل عورتن کي ڊاڪٽر قادر مگسي اجرڪ اوڍايا. ان موقعي تي ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، عبدالفتاح سميجو، سرواڻ مگسي، نصرت چنا، عاشق سولنگي، محمد علي ابڙو، شبير جوڻيجو, پارٽي جا مقامي اڳواڻ ساگر الاهي بخش عالماڻي، مبين تيوڻو، يونس اوٺو ۽ ٻيا ساڻس موجود هئا.هن چيو ته آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جي غلط رٿابندي سبب اربين روپيا خرچ کانپوءِ اها فائدو نه ڏيئي سگهي پر ويتر وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي آهي، هن چيو ته ميهڙ جي ماڻهن جي همٿن کي سلام آهي. جن وڏي بهادري سان حڪومتي سازشن کي منهن ڏنو آهي. باقي سنڌ جو وزير اعلي صرف هيليڪاپٽر ۾ چڙهي گهمڻ ۾ پورو آهي سندن ڪو عملي ڪم ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي. امداد جي نالي ۾ سمورا ڪامورا ڪوڙا بل ٺاهڻ ۾ مصروف آهن ماڻهن کي ڪٿي ڪٿي هڪ برياني جي ٿيهلي ملي ٿي باقي ڪوبه رليف ناهي مليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.