ڪامران ٽسوري جي واپسي تي ايم ڪيو ايم ۾ وري ڏار

ڪراچي(م ڊ) ڪامران ٽسوري جي واپسي سان ايم ڪيو ايم ۾ وري ڏار پئجي ويا آهن، رابطا ڪاميٽي ڪامران ٽسوري کي ڊپٽي ڪنوينر  جي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن، رابطا ڪاميٽي جي ميمبر ڪشور زهرا خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش تي سڀني جي راءِ چئي مٿي ۾ مڙهيو ويو آهي، پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر شهاب امام استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته هم خيال پارٽي جي فيصلن مان مطمعن نه آهن،  ياد رهي ته ڪامران ٽسوري ۽ فاروق ستار کي 2018ع تي پارٽي مان ڪڍيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.