جي يو آءِ برسات متاثرن جي هر ممڪن تعاون ڪري پئي:راشد محمود

جيڪب آباد (ت ر) جمعيّت علماءَ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سيلاب وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي گذريل هڪ صدي دوران ايندڙ ٻوڏ مان وڏو تباهه ڪندڙ برساتي ٻوڏ آهي جي يو آءِ هر سطح تي وڃي متاثرن سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار انهن جامع مدينه ٺل ۾ 350 متاثرن ۽ 100 عورتن ۾ راشن ورھائڻ ۽ روڪ رقم ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن موقعي تي جي يو آءِ ضلع جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، جنرل سيڪريٽري سيد عبدالباسبط شاھه، مفتي عبدالشڪور کوسو، مير حسن کوسو ۽ ٻيا به موجود هئا. علامه راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو آهي ته پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جر جهنگ وڃي هن وقت تائين 25 هزار ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ورهائي چڪا آهيون، ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن انساني جانيون ۽ جانور پاڻيءَ جي زد ۾ اچي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.