قمبر ۾واهر نه ٿيڻ سبب ٻوڏ متاثر پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واپس

قمبر  (ڊ ر) قمبر ۾ واهر نه ٿيڻ ڪري ٻوڏ متاثر بي يار و مددگار رستن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.ٻوڏ متاثر عملدارن جي آفيسن ۽ چونڊيل  نمائندن جي بنگلن اڳيان واهر لاءِ واجهائيندا رهيا پر سندن واهر نه ٿي سگهي.هوڏانهن واهر نه ٿيڻ ڪري ٻوڏ متاثر پنهنجي ڀڳل ٽٽل گهرن ڏانهن واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته روڊن تي ويهي خُوار ٿيا آهيون، ملي ڪجهه به نه ٿو، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ڊٺل گهرن ۾ واپس وڃون، حالتون ڏاڍيون خراب آهن، گهرن ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي، فصل تباهه ٿي ويا،چوپايو مال مري ويو ڪوئي قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، هن مشڪل وقت ۾ حڪومت به ڪا واهر نه ٿي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.