مقصودو رند ۾ تيل ڪمپني جو زهريلو پاڻي فصل ۾ ڇوڙ، احتجاج

مقصودو رند(ن ع آ) مقصودو رند لڳ پي.پي.ايل تيل ڪمپني جي ظافر تيل کوھ تي مقرر آفيسرن ۽ ملازمن ڳوٺاڻي جي بيٺل فصل ۾ برساتي  گندو ڪيمڪيل وارو پاڻي بنا اجازت جي نيڪال ڪري ڇڏيو،  ڳوٺاڻي جو فصل سڙي تباھ چيٽ جو فصل متاثر ٿيڻ جو خطرو ڳوٺاڻي جو تيل ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو خبر موجب مقصودو رند لڳ پي پي ايل تيل ڪمپني جي ظافر تيل کوھ تي مقرر آفيسرن ۽ ملازمن ڳوٺاڻي محبوب علي جکرو جي زرعي زمين ۾ بيٺل فصل ۾ برساتي گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو ڪمپني جي اھڙي عمل خلاف ڳوٺاڻي محبوب علي جکرو احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ سال اڳ منھجي ديھ مقصودو رند ۾ زرعي زمين مان تيل نڪتو ھو جنھن بعد پي.پي.ايل تيل ڪمپني ظافر تيل کوھ قائم ڪيو ھو ھاڻي تازين برساتن بعد ظافر تيل کوھ جي آفيسرن ۽ ٻين ملازمن منھجي زرعي زمين ۾ منھجي اجازت وٺڻ بنا  زرعي زمين ۾ برساتن جو گندو ۽ ڪيمڪيل وارو پاڻي نيڪال ڪري رھيا آھن جنھن سبب منھنجا 35 ايڪڙ وونئڻ چوڏھن سؤ مڻ بھ ، 2 ايڪڙ ٻاجھري ۽ جنتر گاھ سڙي تباھ ٿي ويو آهي ۽ مون کي لکين رپين جو مالي نقصان ٿيو آهي . جڏھن ته فصل ۾ اڃا تائين گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي جنھن سبب ايندڙ چيٽ جو فصل متاثر ٿيڻ جو سخت خطرو پيدا ٿي ويو آهي ڪمپني ملازمن جي مون لکت ۾ پي پي ايل ڪمپني کي شڪايت به ڪئي پر ڪمپني ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ڪوبه قدم نه کنيو ھن وڌيڪ چيو ته منھجي اپيل آھي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعلا اختيارين کي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.