مٽياري مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مشينري ايم پي اي حوالي

مٽياري (ڊ  ر) ضلعي انتظاميه مٽياري شهر جي ڪجهه علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ 3  ھيوي ڊي واٽرنگ مشينون ۽ ھڪ ايڪسڪيويٽر اڳوڻي  ايم پي اي سيد امير علي شاھ ھاسمي حوالي ڪري ڇڏيون، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد جي ھدايتن تي مختيارڪار مٽياري ماجد خاصخيلي گهربل مشينري اڳوڻي ايم پي اي سيد امير علي شاهه ھاشمي ۽ وڏيري جواد ميمڻ جي حوالي ڪيون. واضع رهي ته برسات متاثرن جي لاءِ مٽياري ۾ قائم ڪيل رليف ڪيمپ ۾  ھڪ شخص جي فوتگي بعد رات دير تائين نيشنل ھاڻي وي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو هو جنهن ۾ ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ويو ته شهر جي ڪجهه علائقن مان پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ مشينري حوالي ڪئي وڃي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد اتي موجو احتجاج ڪندڙن ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد امير علي شاهه کي ٻڌايو  ته انتظاميا پهرين به چيو هو ته پاڻي ڪڍڻ لاءِ جتي به مشينري گهربل هوندي اتي فراهم ڪئي ويندي، پر پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪو رستو نه پيو ملي، جيڪڏهن اوهان پاڻ پاڻي ڪڍرايو ٿا ته انتظاميا ان لاءِ به تيار آهي، هن چيو ته انتظاميا متاثرن جون تڪليفون ختم ڪرڻ هر ممڪن ڪوشش ڪري پئي ۽ جيڪي به وسيلا آهن، آهي استعمال ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد عدنان رشيد وڌيڪ چيو ته فوت ٿيل شخص جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ بلڪل صاف ۽ شفاف جاچ ڪئي ويندي،  ڊاڪٽرن جي غفلت سامهون آئي ته انهن خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر کي فوتي جي ڪفن دفن جا سمورا خرچ پڻ ادا ڪرڻ جي ھدايت ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.