پاڻي نه ڪڍيو ويو ته قومي شاهراهه بند ڪبو: زين شاهه

قاضي احمد (ن ع آ) قاضي احمد مٿاھين وارن علائيقن مان سرڪاري ڍوري ۾ ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي کي ميڪارو بچاء بند وٽان سنڌو درياء ۾ نيڪال ڪرڻ لاءگذريل ڏينهن کان ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ جي سربراھي ۾ لفٽ مشينون لڳائي پاڻي کي درياء ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي, جڏهن ته گذريل ڏينهن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ اعلان ڪندي چيو ھو ته 48 ڪلاڪن دوران سرڪاري طور لفٽ ھڻي پاڻي کي درياء ۾ ڇوڙ نه ڪرڻ جي صورت ۾ اڄ 11 بجي قاضي احمد کان نيشنل ھائيوي بند ڪري پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي اڄ واري اعلانيل ڌرڻي واري چتاءُ کان اڳ ضلعي شھيد بينظير آباد جي انتظاميه ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنھور , ايس ايس پي امير سعود مگسي ايڪسيئين ايريگيشن اسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد  سميت ٻيا عملدار  قاضي احمد لڳ ميڪاري ڍوري وٽ پهچي سيد زين شاھ سان ملاقات ڪري ڳالھيون ڪيون ان دوران سيد زين شاھ واضع موقف رکيو ته جيسين لفٽو نٿا ھڻو ڌرڻي جو اعلان واپس نه وٺنداسين ڌرڻو ھر حال ۾ لڳندو. سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوامي احتجاج پرامن هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.