بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو

بلڙي شاھ ڪريم( ن ع آ) برسات متاثرن جي واھر لاءِ سماجي شخصيت عبدالرحمان بلوچ پاڪستان رينجرز جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ رينجرز امير اڪبر چيمبرز آف ڪامرس حيدرآباد جي صدر عديل صديقي نائب صدر اويس خان ۽ نجم الدين قريشي جي ڀرپور تعاون صحافين پاران ڪيل نشاندهي ڳوٺ ممڻ پور يو سي قبول پور تعلقو بلڙي شاھ ڪريم ۾ مسلسل سانوڻي برساتن سبب بي گهر ٿيل ڳوٺاڻن لاءِ خيمه بستي ۽ غريب مسڪين برسات متاثر خاندانن ۾ راشن ۽ منرل واٽر تقسيم ڪيا ويا آهن چيمبرز آف ڪامرس جي نائب صدر عديل خان سماجي شخصيت عبدالرحمان بلوچ ڳالهائيندي چيو ته چيمبرز آف ڪامرس جي صدر عديل صديقي چيو ته امدادي ڪمن جي اوھان خود نگراني ڪيو ھن وقت تائين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ روپين امداد ڪري چڪا آهيون حيدرآباد ٽنڊو محمد خان نوابشاھ جھڏو ملڪاڻي شريف بدين سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ پاڪ رينجرز جي مدد سان انھن علائقن ۾ پُھتا آھيون جتي واقعي ماڻھو ضرورت مند آھن امداد جي لاءِ واجھائي رھيا آھن . غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت لاءِ پهچندڙ چيمبرز آف ڪامرس حيدرآباد جي ٽيم ھن وقت تائين ڪافي برسات متاثر خاندانن جي سھائتا ڪري چُڪي آهي ان سموري عمل کي صاف شفاف بنائڻ لاءِ پاڪستان رينجرز پنھنجا فرض احسن طريقي سان نڀائي رھي آھي، ن موقعي تي قاري رحمان قاري عاشق علي حاجاڻو محمد اسلم حاجاڻو ريحان آصف علي حاجاڻو شھزور رند ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.