فيض گنج واهه کي ڪٽ ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

اڪري چودڳي (ن ع آ) فيض گنج واه کي آرڊي 34 ڪورڪي پل ڀرسان لڳل هٿراڌو ڪٽ آبپاشي عملدارن پوليس جي موجودگي ۾ بند  ڪري ڇڏيوٻہ ڏينهن اڳ بااثر زميندارن ۽ڳوٺاڻن زمينن ۽گهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء واھ کي سرڪار جي اجازت بنا مبينا طور غير قانوني ڪٽ ڏنو هو ڪالھ ڳوٺاڻن پوليس ۽آبپاشي عملدارن کي ڪٽ بند ڪرڻ نه ڏنو جنهن بعد اڪري ۾ ڪٽ بند ڪرڻ لاء فيض گنج واھ جي ٻنهي ڪپرن تي آباد رهواسين مهراڻ هاء وي بند ڪري سخت احتجاج ڪيو هو جنهن ۾ پوليس ۽آبپاشي عملدارن ڪٽ بند ڪرڻ لاء لکت معاهدو ڪيو ۽اڄ معاهدي تحت انتظاميا ڪٽ بند ڪرائي ڇڏيو . ٻي طرف  ڪٽ بند ٿيڻ کان بعد پاڻي رخ تبديل ڪري ڪورڪي ڀرسان مھراڻ ھاء وي کان اوور ٽاپ ٿي اولھ طرف ڪراس ڪرڻ لڳو جنهن سبب ڪورڪي سائينداد راڄپر خدابخش نوراڻي گل شاھ سميت ڪافي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.