ڪنڌڪوٽ جي وارڊ 5 ۾ 3 فٽ پاڻي بيٺل، شهرين جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ جي وارڊ 5 مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، وارڊ 5 ۾ 3 فٽ پاڻي بيٺل هئڻ ڪري رھواسي بيمارين ۾  مبتلا ٿي ويا آهن. هوڏانهن  پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي ميونسپل انتظاميا خلاف مرتضي ڀٽو، رياض ڀٽو ۽ محمد اڪرم ڀٽو جي اڳواڻي ۾ شهريصن احتجاجي مظاهرو ڪيو.احتجاج ڪندڙن  ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته وارڊ 5 ڪاليج ڀرسان گھرن آڏو 3 فٽ پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري اچ وڃ سخت متاثر ٿي رهي آهي.هنن چيو ته مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جن جي چڪ سبب ننڍا توڙي وڏا  مليريا بخار ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.هنن چيو ته ڊي سي ڪشمور کي ڪيترائي ڀيرا نشاندهي ڪرائي، ان جي باوجود وارڊ 5 مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نھ ورتا ويا متاثرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.