لاڙڪاڻي ضلعي ۾ برساتن دوران 41 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن:سرڪاري رپورٽ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تازين برساتن دوران ڪالهه تائين مختلف واقعن  ۽ گھر ڪرڻ سبب 41 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، 2 لک 26 هزار 980 گهر تباھ ٿي ويا آهن، 12 لک 17 هزار 428 ماڻهو ۽ هڪ لک 81 هزار 583 خاندان متاثر ٿيا آهن. جن مان 10 لک 71 هزار 333 ماڻهو بي گھر آهن. جڏهن ته هڪ لک 46 هزار 95 ماڻهو رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 03 عورتن ۽ 2 ٻارن سميت 10، رتيديري تعلقي ۾ 2 عورتن، 2 ٻارن  ۽ 9 مردن سميت 13، ڏوڪري تعلقي ۾ 04 عورتن ۽ هڪ ٻار ۽ 3 مردن سميت 8 ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 3 عورتن ۽ 2 ٻارن ۽ 5 مردن سوڌو 10 ماڻهو فوت ٿيا. اهڙي طرح ضلعي اندر ٽوٽل 11 عورتن ۽ 9 ٻارن سميت 41 ماڻهو فوت ٿيا. جڏهن ته مختلف هنڌن تي 7194 ماڻهو زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي تعلقي ۾ 807 عورتن، 965 مردن ۽ 1131 ٻارن سميت 2903، رتيديري تعلقي ۾ 517 مرد، 387 عورتن ۽ 781 ٻارن سميت 1685، ڏوڪري تعلقي ۾ 469 مرد، 387 عورتن ۽ 662 ٻارن سميت 1518 ماڻهو ۽ باقراڻي تعلقي ۾ 316 مرد، 319 عورتن ۽ 453 ٻارن سميت 1088 ماڻهو زخمي ٿيا. ان کانسواءِ ضلعي اندر ٽوٽل 2 لک 26 هزار 980 گھر تباھ ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.