ميهڙ جي ڊفينس لائين رنگ بند تي خطرو ، نوجوانن پاران پھرا

ميھڙ  ( س ر ) منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ۽ گھارو لڳڻ کان پوء ميھڙ ۾ پاڻي جي لاٿ جاري آھي ، گذريل 36 ڪلاڪن ۾ پاڻي کي رنگ بند وٽان  ھڪ فوٽ تائين لاٿ آئي آھي رنگ بند تي 6 فوٽ پاڻي بيٺل آھي پر رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم بند ڪيو ويو آھي جڏنھن تہ شرپسند ماڻھن پاران جوھي واري ڪٽ کان پوء ميھڙ جي آخري ڊفينس لائين رنگ بند تي به خطرو وڌي ويو آھي جنھن سبب نوجوانن پاران پھرا ۽ چوڪيون لڳائي ڇڏيو آھن ميھڙ جي 20 يونين ڪائونسلن ۾ ٻوڏ توڙي برساتي پاڻي نيڪال لاء سرڪار ڪو بہ قدم ناھي کنيو ميھڙ ۾ سمورا علائقا پاڻي ھيٺ اچڻ سوين ڳوٺ ڊھڻ ۽ ھزارين ٻوڏ متاثر ھجڻ باوجود ميھڙ ۾ سرڪار پاران رليف ورڪ شروع ناھي ٿي سگھيو جنھن سبب ھزارين ٻوڏ متاثر کلي اسمان ھيٺ بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن پر ضلعي حڪومت توڙي سنڌ سرڪار متاثرين جي واھر ناھي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.