ڪوٽڏيجي ۽ ڀرپاسي 8 فوٽ پاڻي بيٺل، واهر نه ٿي ، احتجاج

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽڏيجي جي مختلف ڳوٺن ۾ 8 فٽ پاڻي بيٺل متاثرن جي واهر نه ٿي ڳوٺاڻن  جو ڪوٽبنگلو ۽ چونڊڪو روڊ بلاڪ ڪري  انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج پاڻي نڪالي ڪرائڻ جو مطالبو ان ڏس ۾ ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي جي وارڊ نمبر 5 جي ڳوٺ علي آباد بگٽي،ڳوٺ ڪريم بخش سولنگي ۽ ڳوٺ گل حسن بگٽي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سار نه لهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو فتح محمد ۽ منٺار علي جي اڳواڻي ۾ ڪوٽبنگلو ۽ چونڊڪو روڊ بلاڪ ڪري انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو آهي پاڻي بيھڻ ڪري اسان جا سوين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ فصل مڪمل تباھ ٿي ويو آهي هن وقت تائين 8 کان 10 فٽ پاڻي بيھڻ باوجود اي سي ڪوٽڏيجي ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي اسان ڳوٺن ۾ لڙي ناھن آيا ۽ نه ئي وري ڪو کاڌ خوراڪ پيئڻ جو پاڻي رهڻ لاءِ ٽينٽ يا ترپال ڏنو آهي سخت گرمي ۽ نٽهڻ اس ۾ کلي آسمان ھيٺ ننڍڙن معصوم ٻارڙن سميت  فاقا ڪشي ۽ برساتي پاڻي پيئڻ تي مجبور آهيون ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مختلف موذي مرض پکڙجي ويا آھن رڳو من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن . فوڪل پرسن منظور حسين وساڻ ايم اين اي نفيسه شاھ ۽ ايم پي اي منور وساڻ ووٽ وٺڻ لاءِ 10 – 10 ڀيرا اسان جي ڳوٺن ۾ ايندا هئا ۽ هاڻ ڏکي وقت ۾ اسان جي سار سنڀال نه ٿا لهن رڳو وڏيرن ۽ چونڊيل ڪائونسلر ۽ چيئرمينن کي بنگلن تي گهرائي انهن کي ڏنو ٿو وڃي ڳوٺاڻن وزير اعلي سنڌ سيشن جج خيرپور ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سميت لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي  ڳوٺ مان پاڻي ڪڍي متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ ۽ ترپال ڏياري بيچيني کي ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.