خيرپور ۾ منافعي خورن جڳهن جي سامان جو اگهه چاڙهي ڇڏيو، احتجاج

خيرپور (س  ر) خيرپور ۾تازين برساتن کان پوءِ بلڊنگ مٽيرل جو سامان بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳ انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل واپارين  هٿ رادو اگهه وڌائي بيلڪ تي ڪرو ڪري رهيا آهن، غريب مسڪين ماڻهو سخت پريشان ،هن سلسلي بلڊنگ مٽيرل جي دڪاندارن بليڪ ميلنگ شروع ڪري ڇڏي آهي سيمنٽ جيڪا برسات کان اڳ 700 روپين ۾ وڪرو ڪئي ويندي هئي اها سيمنٽ جي في ٻوري 1500 روپين ۾ وڪرو ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن سرون 7000 هزار روپين ۾ هڪ هزار وڪرو ڪيون وينديون هيو اهي هاڻي 13000هزار کان 14000هزار روپيه وڪرو ڪري رهيا آهن، اهڙي طرح بجري جي ٽرالي تي 300 روپيه اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪريش به ٻيڻي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا ۽ بولاري بجري اڻ لڀ ٿي وئي آهي، جيڪا خيرپور ۾ ملي ئي نه ٿي، جڏهن ته هن سلسلي ۾ سماجي اڳواڻن شاهنواز عباسي، محمد بخش جويو، نواب علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته خيرپور جي منافي خور واپارين بلڊنگ مٽيرل جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن،  هنن چيو ته تازين برساتن کان پوءِ غريب مسڪين ماڻهون پنهنجا ڪريل جهوپڙا گهر اڏڻ لاءِ سخت پريشان آهن،پر منافي خور واپارين مان انسانيت نڪري وئي آهي،بيلڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن پر افسوس ته اسان جي ضلعي انتظاميه واپارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيوته بلڊنگ مٽيرل جي اگهن تي ضابطو آڻي بليڪ تي وڪرو ڪندڙ منافي خور واپارين کي گرفتار ڪري اگهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته جئين مسڪين ماڻهو برساتن سبب ڪريل جهوپڙا ڪنکان گهر ٻيهر اڏي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.